204

سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جي تحفظ جو ”جرنلسٽس پروٽيڪشن“ بل گڏيل طور تي منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جي تحفظ جو بل گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جرنلسٽس پروٽيڪشن بل ايوان ۾ پيش ڪيو جيڪو گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو آهي، قانون تحت صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن کي پيشيوراڻا معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ تحفظ ڏنو ويندو، جڏهن ته رڪاوٽون وجهندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، صحافي پنهنجي خبر جو ذريعو ٻڌائڻ جو پابند نه هوندو، صحافين جي تحفظ لاءِ ڪميشن قائم ڪئي ويندي، صحافين کي حراسان ڪرڻ ۽ جان کان مارڻ جي ڌمڪي ڏيڻ تي سزا هوندي، صحافين تي حملي جي ڪيس تي ترجيحي بنيادن تي فيصلا ڪيا ويندا، صحافي حراسان ڪندڙن خلاف ڪميشن ۾ درخواست ڏيندا، سنڌ جرنسلٽ پروٽيڪشن ايڪٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار جي ترميم به منظور ڪئي وئي آهي ته حڪومت متاثر صحافي کي ضرورت پوڻ تي قانوني مدد فراهم ڪندي. اجلاس ۾ ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جو بل منظور ڪيو ويو. اطلاعات واري صوبائي وزير سنڌ سيد ناصر حسين شاھه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ھر سٺي ڪم ۾ ھميشه سڀني کان اڳڀري رهي آهي. سنڌ اسيمبلي صحافين جي تحفظ لاءِ گڏيل طور صحافين جي تحفظ جي بل جي منظوري ڏني آھي. جيڪو تاريخي قدم آھي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ بل جي منظوري کان پوءِ جاري ڪيل پنھنجي بيان ۾ چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن کي مبارڪ باد پيش ڪيا ٿو، سنڌ حڪومت سندن پراڻو مطالبو پورو ڪري ڇڏيو آھي ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ جامع بل منظور ڪرايو آهي. سيد ناصر حسين شاھه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو صحافين سان بل منظور ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو. سنڌ حڪومت چيئرمين جي ويژزن جي مطابق بل منظور ڪرايو آهي. ھن چيو ته بل صحافتي تنظيمن ۽ ملڪ جي سينيئر صحافين جي مشوري سان تيار ڪيو ويو آهي. مظھر عباس، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، جي ايم جمالي، فھيم صديقي، پروفيسر توصيف احمد خان، قاضي آصف، عاجز جمالي، فاضل جميلي، اويس اسلم ۽ ٻين بل جي تياري ۾ اطلاعات کاتي جي ڀرپور معاونت ڪئي. ھن چيو ته بل تحت صحافين جي تحفظ لاءِ جلد ڪميشن جوڙي ويندي. بل موجب صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن کي پنھنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ مڪمل تحفظ حاصل ھوندو. کين ھراسان ڪرڻ ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سزا جوڳو عمل قرار ڏنو ويو آهي. صحافي پنھنجي خبر جا ذريعا ٻڌائڻ جا پابند نہ ھوندا. صحافين کي ضرورت پوڻ تي حڪومت قانوني (وڪيل جو ن خدمتون) فراهم ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو