اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون مخالفن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان ڌانڌلي نه ڪندا آهيون، نيوٽرل ايمپائر وسيلي کٽڻ وارو آهيان، اسان وڏي ڏکيي وقت مان نڪري آيا آهيون، هاڻي بهترين وقت اچي رهيو آهي، مخالف اقتصادي واڌ جي شرح تي حيران آهن، صنعتي زونز جي قيام سان ملڪي روانگي واپار ۾ واڌ ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمع ڏينهن رشڪئي ترجيحي خصوصي اڪنامڪ زون جي ڪمرشل لانچ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته مون قوم کي چيو هو ته گهٻرائڻو نه آهي، صبر کان ڪم وٺڻو آهي پر ماڻهو صبر نه ڪندا هئا گهٻرائجي ويندا هئا، الله تعاليٰ کي انسان جي ڏکيائي جي وقت ۾ صبر ڪرڻ جي صفت گهڻي پسند آهي، اسان جو وڏو ڏکيو وقت گذري ويو آهي هاڻي خطرو اهو آهي ته جيئن جيئن معيشت مٿي ويندي ڪرنٽ اڪائونٽ تي دٻاءُ ۾ اضافو ٿيندو، اڍائي سال پهرين اسان اقتدار سنڀاليو ته 20 ارب ڊالر جو خسارو هو، جيڪو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو خسارو هو هاڻي ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ آهي يعني ڊالر وڌيڪ اچي رهيا آهن ۽ روپيو مضبوط ٿي رهيو آهي ۽ اهو مصنوعي طور تي نه ڪيو ويو پر مارڪيٽ فورسز سان ٿي رهيو آهي، جيئن جيئن معيشت ترقي ڪندي اسان جي صنعتن کي ٻاهران شيون گهرائيون پونديون ان طرح خطرو رڳو اهو آهي ته ڪٿي وڌيڪ ڊالر ٻاهر وڃڻ شروع نه ٿي وڃن، وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته هنن رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو موڪليو، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان کي ٻيهر آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻو نه پوي، ڊالر جي کوٽ نه ٿئي ۽ روپيي تي دٻاءُ نه پوي، اسان سمنڊ پار پاڪستانين کي وڌيڪ ترغيب ڏيڻي آهي ته اهي پئسو پاڪستان موڪلين، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جو ايندڙ مرحلو اڪنامڪ زونز جو قيام آهي، انهن زونز جي قيام سان روانگي واپار وڌندو.
105