181

نيب جي خوف کان سيڙپڪاري رڪيل آهي، واپارين جي تحفظ لاءِ قانون آڻينداسين: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته نيب جي خوف کان سيڙپڪاري رڪيل آهي، سرڪاري آفيسرن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قانون آڻينداسين، اسلام آباد ۾ پاڪ-چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته سالياني منصوبابندي واري ڪاميٽي ايندڙ مالي سال لاءِ 4.8 سيڪڙو گروٿ ريٽ جي منظوري ڏني آهي، ايندڙ مالي سال جي لاءِ 9 سئو ارب ترقياتي بجيٽ رکي ويندي، سالياني پلان ۽ ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني آهي، هن چيو ته ڪپهه جو فصل خراب نموني متاثر ٿيو آهي، بهتر ٻج فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت بهتر ٿي آهي، هن چيو ته پولٽري صنعت ڪورونا پابندين سبب شديد متاثر ٿي، جڏهن ته انڊسٽريل پئڪيج جو سٺو ريسپانس مليو آهي. بجلي جي صنعتي کپت ۾ 15 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو