212

محبت ديرو لڳ 2 ڳوٺاڻن کي ڦورو ڄاڻائي مارڪٽ، لاڪ اپ، ڪيس داخل

محبت ديرو (ويب ڊيسڪ) محبت ديرو لڳ ڳوٺ شيخاڻي جا رھواسي وزير علي پيرزادو ۽ اڪبر ڀونئر کي درگاهھ لوڙھو شريف ويندي ڇنڊڻ لنڪ روڊ تي ڳوٺ ڏتل ڪلھوڙو ويجھو ڪلھوڙا برادري جي ماڻھن مبينا ڦورو ڄاڻائي سوگھو ڪري تشدد ڪري کين ڪنڊيارو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جتي ڪنڊيارو پوليس بااثر جي چوڻ تي وزير علي پيرزادو ۽ اڪبر ڀونئر مٿان ڦر جي ڪوشش ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ساڻن گڏ نينگر کي ڇڏي ڏنو، جڏھن ته پوليس ٻنھي ڄڻن جي گرفتاري ظاھر ناھي ڪئي، ٻئي پاسي وزير پيرزادو جي ڀائرن لال بخش ۽ سعيد خان پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سندن ڀاءُ وزير علي اڪبر ڀونئر ۽ نينگر سان گڏ درگاهھ لوڙھو شريف وڃي رھيو ھو ته ڇنڊڻ لنڪ روڊ تي ڳوٺ ڏتل ڪلھوڙو ڀرسان ڪلھوڙا برادري جي ماڻھن پڇا ڪرڻ بعد ڊرامو ڪري وزير پيرزادو ۽ اڪبر ڀونئر کي مبينا ڦورو ڄاڻائي سوگھو ڪري تشدد ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪيو، جتي ڪنڊيارو پوليس علائقي جي بااثر جي چوڻ تي سندن ڀاءَ وزير علي ۽ اڪبر مٿان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري لاڪ اپ ڪري  ڇڏيو آھي ۽ گرفتاري ظاھر ناھي ڪئي، اسان کي خدشو آھي ته ڪٿي ڪوڙو مقابلو ڏئي اسان جي ھمراھ کي نقصان نه پھچايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو