ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان عوام جي تقدير تبديل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، 3 سالن ۾ رڳو 3 ناڻي بابت صلاحڪار ۽ 4 ايف بي آر جا چيئرمين تبديل ڪيا، بلاول ڀٽو چيو ته واپار وارن 4 سيڪريٽرين کي تبديل ڪيو، عوام جي تقدير تبديل نه ڪري سگهيو آهي. هاڻي تي عمران خان عوام کان ماني، ڪپڙا ۽ گهر به کسي رهيو آهي. موجوده مهانگائي جي دور ۾ عوام جو جيئڻ جنجال آهي. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ملاقات ڪئي، ملاقات دوران بلاول ڀٽو کي ڪراچي جي ترقياتي منصوبن ۽ واٽر اسڪيمن تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته 2017ع جي غيرقانوني ۽ غيرمنصفاڻي طريقي سان مردم شماري جي تڪراري نتيجن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. بلاول ڀٽو کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته وڏو وزير گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو واحد ميمبر هو، جنهن مردم شماري جي تڪراري نتيجن جي منظوري سان اختلاف ڪيو هو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي مردم شماري جا انگ اکر گهٽ ڪرڻ جو معاملو رکيو، بلاول ڀٽو کي بريفنگ ڏيندي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت جي مخالفت باوجود مردم شماري جي تڪراري نتيجن جي منظوري جي معاملي کي آرٽيڪل 154 تحت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاسن ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
224