133

ڪراچي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ ڀارت جو خطرناڪ ڪورونا وائرس موجود، 8 ڪيس پازيٽو

اسلام آباد/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ ڀارت جو خطرناڪ ڪورونا وائرس موجود، 8 ڪيس پازيٽو اچي ويا، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس ۾ وڌيڪ 67 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2482 ڪيس پازيٽو آيا، هوڏانهن پازيٽو ڪيسن جي شرح 4.8 سيڪڙو رهي، جڏهن ته مجموعي طور 20607 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، ٻئي طرف وفاقي حڪومت اڄ کان 30 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن جي واڪ ان ويڪسينيشن جو فيصلو ڪري ورتو آهي،  منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان ۾ 50 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا ويڪسين لڳائي چڪا آهن، جلد ويڪسين لڳرائي وڃي ته جيئن وائرس تي ڪنٽرول ٿي سگهي. هوڏانهن  ڪراچي ۾ ڏکڻ آفريڪا جو وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، ڏکڻ آفريڪا وائرس جا 7 ڪيس پازيٽو آيا آهن، جڏهن ته ڀارت جو هڪ ڪيس به ظاهر ٿيو آهي، هوڏانهن سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو چيو آهي ته وڌيڪ ڪيس ٻن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۾ ظاهر ٿيا آهن، والدين پاڻ کي ويڪسين لڳرائين ته جيئن ٻار ان وائرس کان بچي سگهن، ٻئي طرف  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 15 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 1252 نوان ڪيس سامھون آيا ۽ 572 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن. اھا ڳالھھ اڄ جمعي ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 15440 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 1252 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 8.1 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 15 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 5003 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح 1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 4061903 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي ۽ 315393 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 572 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 285975 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني بحاليءَ واري شرح 90.7 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو تھ ھن وقت 24415 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 23402 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، 991 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 22 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 937 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 74 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ صوبي جي 1252 ڪوويڊ ڪيسن مان 780 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. سنڌ جي ضلعن جا انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ اوڀر ڪراچيءَ مان 326، ڏکڻ ڪراچي 195، سينٽرل ڪراچي 114، حيدرآباد 99، ڪورنگي 54، سکر 53، اولھھ ڪراچي 48، ملير 43، بدين 38، سجاول 27، دادو 21، ڄامشورو 19، نوشھروفيروز 17، نوابشاھھ 16، لاڙڪاڻو 15، خيرپور 15، ميرپورخاص 15، گھوٽڪي 15ڪشمور 12، ٽنڊوالھيار 10، ٿرپارڪر 10، سانگھڙ 9، عمرڪوٽ 8، جيڪب آباد 2، قمبر ۽ شڪارپور ھڪ ھڪ نئون ڪيس رپورٽ ٿيا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هوڏانهن لاهور جي وٽرنري يونيورسٽي ۾ ڪڪڙين جي پوسٽ مارٽم کانپوءِ ان ۾ وائرس جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي، نئين وائرس سبب روزانو 4 هزار  ڪڪڙيون مري رهيون آهن، وٽرنري يونيورسٽيجي مائيڪرو بائيولاجي شعبي جي ڊائريڪٽر پروفيسر طاهر يعقوب لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته راڻي کيت ۽ انفلوئنزا کانپوءِ ايڊينو وائرس ڪڪڙين ۾ موجود آهي، اهو وائرس ڪڪڙين ۾ ساهه جي بيماري پيدا ڪري ٿو، جڏهن ته راڻي کيت جي ويڪسين به ان تي اثر نه ٿي ڪري، شهري مارڪيٽ مان ننڍيون ڪڪڙيون خريد ڪرڻ کان پاسو ۽ رڳو 2 ڪلوگرام واريون ڪڪڙيون خريد ڪيون وڃن. هن چيو ته وائرس سبب ڪڪڙين جي مرڻ ڪري قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو