138

ڪورونا ويڪسين سان ٻن سالن اندر مرڻ جون خبرون ڪوڙيون قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزارت ڪورونا ويڪسين سان ٻن سالن اندر مرڻ جون خبرون ڪوڙيون قرار ڏئي ڇڏيون آهن، صحت کاتي پنهنجي پڌرنامي ۾ چيو آهي ته نوبل انعام يافته سائنسدان لوچ مونتيگز ايئن ناهي چيو ته ٻن سالن ۾ ماڻهو مري ويندو، ڪابه تحقيق ويڪسين لڳڻ سان ٻن سالن اندر موت واقع هجڻ ثابت ناهي ڪري سگهي، صحت واري وزارت موجب سموريون ويڪسين تحقيق ۽ ٽيسٽنگ جي مرحلي مان گذرڻ کانپوءِ عوام تائين پهتيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو