200

شڪارپور ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع نه ٿيو، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ڪراچي طلب، اهم فيصلا

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع نه ٿيو، آءِ جي عملدارن کي ڪراچي گهرائي ورتو، ان سلسلي ۾ ٻن اهلڪارن منور جتوئي، عبدالخالق سولنگي ۽ فوٽو گرافر عبدالحسيب شيخ جي شهادت بعد آپريشن جون تياريون تيز ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان آءِ جي سنڌ مشتاق مهر نئين مقرر ٿيل ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ ۽ ايس ايس پي تنوير تنيو کي ڪراچي گهرائي اهم گڏجاڻي ڪئي آهي، ذريعن ٻڌايو ته ملاقات ۾ آپريشن جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا، جنهن ۾ آفيسرن کي مڪمل فري هينڊ ڏيڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته آءِ جي پاران شڪارپور، ڪشمور، سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن جي پوليس کي فيصلائتي آپريشن ۾ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو