139

پنجاب ۾ 7 جون کان اسڪول کلندا، گرمين جون موڪلون 3 هفتا هونديون: وزير

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس چيو آهي ته پنجاب ۾ 7 جون کان اسڪول کلندا، گرمين جون موڪلون 3 هفتا هونديون، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جون کان اڳ سڀني استادن کي ويڪسين هڻنداسين ته جيئن ٻار محفوظ رهن، ڪورونا وائرس دوران اسڪول بند هجڻ جي ڪري ٻارن جو وڏو نقصان ٿيو آهي، گرمي جون موڪلون گهٽ ڪري 2 کان 3 هفتا رکنداسين، هن وڌيڪ چيو ته لاهور ۾ 16 هزار استادن ۽ 4 هزار نان ٽيچرز اسٽاف کي ويڪسين لڳائي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو