شڪارپور (ويب ڊيسڪ) ڳڙهي تيغو ۾ ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن ستين ڏينهن به جاري آهي. ان حوالي سان پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته آپريشن جي دوران ڌاڙيلن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي. جڏهن ته پوليس جي فائرنگ سبب ٻيلو تيغاڻي گروپ جا 2 ڌاڙيل زخمي ٿيا آهن. پوليس مطابق ڪچي جي چوڌاري پوليس چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن. رپورٽ مطابق ڪراچي مان ايندڙ 200 ڪمانڊوز سميت وڌيڪ 300 پوليس اهلڪار آپريشن ۾ شامل آهن ۽ ان دوران ڪچي ۾ گهر گهر تلاشي به ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪشمور جي علائقن دراني مهر ۽ ڪچي ڪيٽي سميت ٻين علائقن ۾ به آپريشن جاري آهي. شڪارپور ۽ گهوٽڪي کي ملائيندڙ سمورا رستا سيل ڪيا ويا آهن. پوليس جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ آهي ته هينئر تائين 12 مان 9 مغوي بازياب ڪرايا ويا آهن. جڏهن ته ڌاڙيلن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار ۽ هڪ فوٽو گرافر شهيد، جڏهن ته 6 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن. پوليس مطابق آپريشن دوران هينئر تائين 8 ڌاڙيل مارجي ويا آهن ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن.
237