184

ملير ڀرسان مبينا پوليس مقابلو، ڏوهاري ڄاڻائي نوجوان مارڻ جي دعويٰ، وارثن جو احتجاج

ملير (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس وڌيڪ هڪ نوجوان کي ڏوهاري ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته اسٽيل ملز پل وٽ مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي مارجي ويو، پوليس موجب، ڏوهاري شهرين کان ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته مقابلو ٿيو، پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿيو ۽ ٻيو فرار ٿيو، گذريل ڏينهن مقتول فرمان ٿهيم جي وارثن الزام هنيو ته پوليس ملير جي شيرپائو ڪالوني ۾ گھر تي چڙھائي ڪري نوجوان فرمان ٿھيم کي کنڀي کڻي وئي، پوليس اسان تي به تشدد ڪيو ويو، موبائل فون، ايل سي ڊي، ڏاج جو سامان به کڻي وئي ۽ گھر ۾ ڀڃ ڊاھه به ڪئي وئي، وارثن احتجاج ڪندي پوليس جي دعويٰ کي رد ڪيو آھي ۽ چيو آھي ته فرمان ٿھيم بيگناھ ھو جنھن کي پوليس پھريان گرفتار ۽ پوءِ مقابلو ڏيکاري قتل ڪيو آھي جڏھن ته ايس ايس پي ملير عرفان بھادر جو چوڻ آھي ته فرمان ٿھيم تي 37 ڪيس داخل ٿيل آھن ۽ ھو پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو