ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشورو جي ٽي موڙ ڀرسان ايم نائن موٽر وي تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ هڪ ڀاءُ فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو آهي. تيز رفتار ڪار روڊ ڪراس ڪندڙ ٻن ڀائرن کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان عبدالرحمان ولد مسعود چارڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ امان الله چارڻ زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمي کي لمس اسپتال منتقل ڪيو ۽ ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺندي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
