خيرپور ناٿن شاهه (ويب ڊيسڪ) خيرپور ناٿن شاهه تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب قديمي ڍنڍون سڪي ويون آهن، جن ۾ ڪنڊيچکي ڍنڍ، انيتي ڍنڍ، رحيم جو ڍورو، سانهاري ڍنڍ، ماروي ڍنڍ، شام ڍنڍ، وئجي ڍنڍ، ڊئون ڍنڍ، فيکراٽو ڍنڍ، ستر ڍنڍ، ٻٽڙا ڍنڍ، ڀالي ڍنڍ، دٻي ڍنڍ، جکرو ڍنڍ، رحماني ڍنڍ سميت ٻين ڍنڍن ڍورن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڍنڍون سڪڻ لڳيون آهن، ڍنڍن جي سڪڻ سبب مختلف قسمن جي مڇي جهڙوڪ ڪرڙو، گلفام، گراس، ٿيلهي، ڄرڪو، مراکو، گانگٽ، پوپري، شاڪر، سڻي، ڏاهي، گندڻ، لوهڙ،گوج، مور مڇي سميت ڪيترن ئي قسمن جي مڇي مرڻ لڳي آهي، وقت سر پاڻي نه پهچڻ سبب مختلف قسمن جي مڇي جو نسل به ختم ٿيڻ لڳو آهي، ڍنڍون سڪي وڃڻ ۽ مڇي ختم ٿيڻ سان ملاحن جو روزگار ختم ٿي ويو آهي، جنهن سبب مڇي ماري پيٽ گذر ڪندڙ هزارين مهاڻا معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن، صدين کان آباد ڍنڍن جي ڪپرن تي هزارين مهاڻا مڇي مارڻ واري روزگار کان محروم بڻجي ويا آهن، ڍنڍون سڪي ٺوٺ ٿي وڃڻ سان علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال پئدا ٿي وئي آهي، جنهن سبب ملاح برادري جا ماڻهون قديمي وسندين کي خيرآباد چوندي لڏپلاڻ جون تياريون شروع ڪيون آهن، جيڪي اباڻا ڪک ڇڏڻ تي سنڌ حڪومت پاران مهاڻن کي بنيادي حقن ڏيارڻ لاءِ سنڌ فشريز کاتو قائم ڪيو ويو آهي. جيڪو ملاحن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سهڪار ڪرڻ جون سڀ دعوائون ڌوڙ آهن، مهاڻن کي فشريز کاتي پاران سندن جي واهر ڪرڻ لاءِ ڪي به رليف جون ٽيمون نه پهتيون آهن.
153