ليکڪ: آخوند نوراحمد ڏهوٽ
انسان صدين کان زندگي جي مختلف شعبن ۾ تحقيق ڪري رهيو آهي، ڪو وقت هو ته ماڻهو انتهائي سادي زندگي گذاريندا هئا، سهولت ۽ آسائش جون شيون نه جي برابر هيون پر ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي ان بنياد تي مختلف دورن ۾ سائنسدان بجلي، فون، گاڏيون، جهاز، صنعتڪاري ۽ ٻين ايجادن ۾ ڪامياب ٿيندا رهيا آهن، اهڙيءَ طرح سان فلڪيات جا ماهر جيڪي نظامِ شمسي تي تحقيق ڪندا رهيا آهن. جن ۾ آمريڪا جو خلائي ادارو NASA 29 جولاءِ 1958ع ۾ قائم ڪيو ويو هو، پاڪستان ۾ به خلائي تحقيق جو ادارو SUPARCO 16 سيپٽمبر 1961ع ۾ قائم ٿيو هو، جيڪو پڻ خلا بابت تحقيق ڪري رهيو آهي، چائنا جي خلائي سائنسدانن به پنهنجو اهم مشن پورو ڪيو آهي جنهن ۾ هو مريخ ۾ هيليڪاپٽر هلائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن.آمريڪي ڄائو نيل آرم اسٽرانگ ۽ ان جا ساٿي 21 جولاءِ 1969ع تي چنڊ تي پهتا هئا ۽ ايئن دنيا جي خوشحال ملڪن ۾ اسپيس جي دنيا ۾ مقابلو وڌندو رهيو، ان کان اڳ 1957ع ۾ روس پهريون ملڪ هو جنهن اسپورٽنڪ سيارو خلا ۾ موڪليو هو، اهڙي طرح سان خلائي سائنسدان هميشه جستجو ۾ رهيا آهن ۽ اسان تائين اسپيس يعني خلا بابت ڄاڻ مهيا ڪندا رهيا آهن. ڪيتري وقت کان اهي مريخ يعني ڳاڙهي گرهه تي پهچڻ ۽ اتي رهائش لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، سال 1998ع ۾ خلائي سائنسدان خلا ۾ I.S.S يعني انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جتي فقط تحقيق ٿيندي رهي ٿي، هي اسپيس اسٽيشن زمين کان 400 ڪلوميٽر پري آهي، جنهن جي ماپ هڪ فٽبال اسٽيڊيم جيتري آهي ۽ ان جو وزن 420 لک ڪلو گرام آهي، هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ايڏو وڏو ۽ وزندار اسپيس اسٽيشن خلا ۾ ڪيئن پهچايو ويو آهي؟ هن جا مختلف حصا اسپيس ۾ پهچائي پوءِ کين ڳنڍيو ويو آهي، هي دنيا ۾ خلائي حساب سان سڀ کان مهانگي شيءِ ٺاهي وئي آهي جنهن تي اٽڪل150 بلين ڊالر خرچ آيو آهي، يعني 1150 کرب رپيا ٿين ٿا. هتي خلا بازن جي زندگي ڪيئن گذري ٿي انهن جو کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ، آڪسيجن، ورزش ۽ ٻيون شيون ڪيئن حاصل ڪن ٿا ۽ اهي بنا Gravity يعني ڪشش ثقل جي رهن ٿا انهن کي آڪسيجن ڪٿان ملي ٿي، ISSهڪ فٽبال اسٽيڊيم جيترو وسيع آهي، ان ۾ 6 بيڊروم آهن، باٿروم پڻ آهن، هن ۾ سسٽم هلائڻ لاءِ وڏو سولر پينل لڳل آهي، اهو سولر پلانٽ 120 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري ٿو، هتي 50 ڪمپيوٽر پڻ لڳل آهن جنهن جي وسيلي زمين تي سائنسدانن سان رابطو ۽ معلومات موڪليندا ۽ حاصل ڪندا آهن. ISS اسان جي زمين جي چوڌاري سال ۾ 16 چڪر لڳائي ٿو. جيڪو 27500 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندو رهي ٿو. ISS جي خلا بازن جو مقصد صرف تحقيق ڪرڻ آهي، هي خلائي اسٽيشن آمريڪا ۽ روس جي تعاون سان ڪم ڪري ٿي، خلا باز دنيا مان آندل مختلف شين جا تجربا ڪندا آهن، ان کانسواءِ هو هاڻي مريخ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اتي رهائش ڪيئن ممڪن بڻائجي؟ هن خلائي اسٽيشن تي هڪ ئي وقت 6 خلا باز رهندا آهن جيڪي هڪ ڪيپسول وسيلي جڙيل آهن، هتي خلا بازن لاءِ هر سهولت موجود آهي، خلا باز هتي پنهنجو وزن محسوس نٿا ڪن اهي پاڻ کي ٿورو ڌڪڻ سان ٻئي هنڌ پهچي ويندا آهن، سڌو پنهنجي گفتگو ٻڌي نٿا سگهن. انهن کي مختلف کاڌا زمين تان موڪليا وڃن ٿا، خلا ۾ هو سست ٿي پون ٿا، ان ڪري انهن کي گهٽ ۾ گهٽ 2 ڪلاڪ روزانو ورزش ڪرڻي پوي ٿي، هو اتي مختلف طريقن سان وهنجندا آهن، جتي پاڻي ڄميل هوندو آهي، خلا بازن کي ڪڏهن ضروري ڪم سبب اسٽيشن کان ٻاهر وڃڻو پوي ٿو ته هو لازمي خلائي پوشاڪ پهرين ٿا، ڇاڪاڻ ته خلائي اسٽيشن جي ٻاهران سج جي روشني ۾ 250 ڊگري گرمي ۽ سج نه هئڻ جي صورت ۾ اوتري ئي سردي پڻ هوندي آهي، جيڪڏهن هو پوشاڪ نه پائيندا ته سج جي روشني ۾ سڙي ڪوئلو ٿي ويندا يا وري برف ۾ ڄمي ويندا، هنن وٽ سردي ۽ گرمي کان بچڻ جو بندوبست هوندو آهي، سمهڻ لاءِ ڪئبن ٺهيل آهن. جتي هو پاڻ کي بند ڪري آرام ڪن ٿا، خلا بازن کي 6 يا 7 مهينن جو کاڌو پهچايو وڃي ٿو، هڪ ڪلو کاڌو پهچائڻ تي تقريبن 10 هزار ڊالر يعني 760000 هزار رپيا خرچ اچن ٿا، هنن جو کاڌو عام بورچي نه ٺاهيندا آهن پر خلائي اداري جا سائنسدان ٺاهيندا آهن، هو اهڙو کاڌو ٺاهيندا آهن جنهن ۾ وزن گهٽ هجي ست مهينا اسٽور ڪري سگهجي ۽ ان ۾ کاڌي جا سڀ جزا موجود هجن، هو کاڌي کي اهڙو پچائي پيڪ ڪندا آهن جو کاڌي جو 97 سيڪڙو پاڻي ختم ٿي وڃي ٿو، باقي کاڌو رهجي وڃي ٿو، خلا بازن جو کاڌو هڪ پارسل ۾ سٺي نموني سپلاءِ ماڊيول جي سگنل ۾ رکي ڇڏبو آهي، اهو ماڊيول 48 ڪلاڪ سفر ڪري کاڌو خلائي اسٽيشن تائين پهچائي ٿو، خلا باز زمين تي رهڻ وارن جي ڀيٽ ۾ فقط هڪ سيڪڙو پاڻي پيئن ٿا، ساهه کڻڻ لاءِ هٿرادو آڪسيجن جو استعمال ڪن ٿا، هڪ ڏينهن ۾ هر ماڻهو 840 گرام آڪسيجن استعمال ڪري ٿو، هو آڪسيجن زمين تان نٿا کڻي وڃن پر اتي آڪسيجن ٺاهڻ جو سسٽم موجود آهي، هو سولر پينل کي پاڻي مان گذاري آڪسيجن ٺاهن ٿا، اڄ تائين خلائي اسٽيشن تي اهڙن 18 ملڪن جي 230 خلا بازن ڪم ڪيو آهي، خلا ۾ خلائي اسٽيشن چنڊ کان پوءِ چمڪندڙ شيءِ آهي، ايمرجنسي ۾ ڪوبه خلا باز 24 ڪلاڪن ۾ خلائي اسٽيشن تان واپس زمين ڏانهن پهچي سگهي ٿو ھن وقت چين خلائي ڪم ۾ نيون منزلون ماڻي رھيو آھي.