ليکڪ: عارفا نور
جڏهن پاڪستان پيپلزپارٽي ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار کان هٽائيندڙ جنرل ضياءَ طرفان 1985ع ۾ چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ته ان جو فائدو جنرل ضياءَ کي ئي ٿيو، ان بائيڪاٽ جي ڪري ٺهندڙ حڪومت پر پارليامينٽ اهڙي هئي جيڪا پيپلزپارٽي ۽ شهيد ڀُٽي جي حامين کان خالي هئي، 1988ع ۾ ٿيندڙ چونڊن تائين پيپلزپارٽي ان غلطي مان سبق سکي چڪي هئي ۽ ٻئي طرف ان کي اهو به فائدو حاصل هو ته جنرل ضياءَ جو ڪنٽرول هاڻ ختم ٿي چڪو هو، غلام اسحاق خان ۽ اسلم بيگ جن جي بطور وائيس چيف آف آرمي اسٽاف مقرري تي جنرل ضياءَ گهڻو خوش نه هو، انهن چونڊون شيڊول مطابق ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ائين پيپلزپارٽي جي کٽڻ جي راهه هموار ٿي، ان کانسواءِ سپريم ڪورٽ به سياسي جماعتن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي. ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن جنرل ضياءَ جيئرو هجي ها ته چونڊون ڪهڙي طرح ٿين ها؟ ٿي سگهي ٿو ته سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ئي نه هجي ها يا وري بينظير ڀٽو ۽ پيپلزپارٽي کي اقتدار منتقل نه ٿئي ها، پر چونڊن ٿيڻ بابت پختي ارادي جي باوجود طاقتورن ۾ پيپلزپارٽي کان نفرت موجود هئي، جنهن جي ڪري اسلم بيگ آءِ جي آءِ جي قيام بابت سائي جهنڊي ڏيکاري ڇڏي هئي ته جيئن پيپلزپارٽي پنجاب ۾ اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي، هن غلام اسحاق خان گڏجي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته محترمه بينظير ڀٽو پرڏيهي ۽ معاشي پاليسين ۾ مداخلت نه ڪري، پيپلزپارٽي تي پنهنجي بي اعتمادي باوجود غلام اسحاق خان ۽ جنرل اسلم بيگ ايتري ٻڏتر جو شڪار نه هئا، جيترو جنرل ضياءَ هجي ها، ان جو سبب اهو هو ته جنرل ضياءَ جي ابتڙ انهن ٻنهي جو پ پ تي بي اعتمادي جو سبب ذاتي نه هو، نيٺ جنرل ضياءَ کي ڀُٽي جي ڦاهي جي ذميوار شخص طور ڏٺو ويو ٿي، سادي حقيق اها آهي ته جنرل ضياءَ جي موت سان ئي بينظير ڀـٽو جو اقتدار طرف سفر شروع ٿي ويو هو، اڳئين ڏهاڪي ۾ هڪ ٻيو آمر ۽ بغاوت نظر آئي، هن ڀيري جنرل مشرف 1999ع ۾ نواز شريف کي اقتدار تان هٽايو ۽ 2002ع ۾ عام چونڊون ڪرايون، چيو وڃي ٿو ته ان کانپوءِ هن ڪيترائي ڀيرا پيپلزپارٽي سان ڳالهيون ڪيون، ڳالهين جو اهو سلسلو چونڊن کان فوري پوءِ شروع ٿي ويو هو، اوهان کي پير سهاوا جي ريسٽورينٽ ۾ مشرف ۽ مخدوم محمد امين فهيم جي اتفاقن ٿيندڙ ملاقات به ياد هوندي، بهرحال اهي معاملا گهڻو اڳتي نه وڌيا، جلد ئي پيٽرياٽس مشرف سان اچي مليا ۽ انهن پنهنجي حڪومت ٺاهي ورتي، پر ڳالهيون ۽ رابطا جاري رهيا، گارجين جي هڪ رپورٽ مطابق برطانوي پرڏيهي آفيس پهريون ڀيرو 2004ع ۾ بي بي سي سان رابطي ۾ آهي، ”مارڪ ليال گرانٽ مشرف جو پيغام کڻي محترمه بينظير ڀٽو وٽ دبئي ويو، اهو پيغام اهو ته محترمه مڙس کي جيل مان آزاد ڪيو ويندو، شايد هاڻ کيس مشرف سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي غور ڪرڻ گهرجي، محترمه انتهائي محتاط هئي، پر پوءِ به مطالبن جي لسٽ جي ڏي وٺ ٿي، 2007ع تائين آمريڪي به ان راند جي جهولي ۾ پيا ۽ ان سال گرمي جي موسم ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ مشرف جي دبئي ۾ ملاقات ٿي، ان سال آڪٽوبر ۾ ئي محترمه وطن واپس اچي وئي، انهن ڳالهين جي حوالي سان ڪيتريون ئي يادداشتون لکجي چڪيون آهن ۽ ان ۾ هاڻ ڪجهه به ڳجهو نه آهي پر آئون جڏهن ان دور جي باري ۾ پڙهان ٿي ته سوچيان ٿي ته نيٺ محترمه بينظير ڀٽو جي ئي چونڊ ڇو ڪئي وئي؟ ۽ نواز شريف کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو؟ ان جو هڪ سبب مجموعي ماحول به هو، غير ملڪي فوجون افغانستان ۾ افغان طالبان سان وڙهي رهيون هيون، جڏهن ته پاڪستان کي انتهاپسندي ۽ ويڙهاڪن جو چئلينج هو، مشرف جي حمايت ڪندڙ مغربي طاقتن پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي انتهاپسندن جي خلاف لبرل ۽ ترقي پسند قوتن کي اڳتي آڻڻ چاهيو ٿي، ان پوري منظرنامي جي لحاظ کان پاڪستان ۾ مسلم ليگ (ن) بدران پيپلزپارٽي بلڪل موزون هئي، پر هڪ ٻيو سبب اهو به هو ته مشرف لاءِ انهن ماڻهن سان ڳالهائڻ ڏکيو هو، جن کي هن پاڻ اقتدار مان بيدخل ڪيو هو، هو 2002ع ۾ به پيپلزپارٽي سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هو ۽ 2007ع ۾ جڏهن مشرف محترمه بينظير ڀٽو سان پاور شيئرنگ ڊيل جي حوالي سان ڳالهائي رهيو هو ته هن سيپٽمبر ۾ نواز شريف جي واپسي جو پروگرام به خراب ڪري ڇڏيو هو. نواز شريف کي محترمه بينظير جي وطن واپسي کانپوءِ ئي واپس اچڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ اهو به ان وقت ممڪن ٿيو، جڏهن ته جنرل مشرف مٿان تمام گهڻو دٻاءَ وڌو ويو، اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته نواز شريف مشرف جي رٽائرڊ ٿيڻ کان 2 ڏينهن اڳ ئي وطن واپس آيو، مشرف جي جاءِ تي جنرل اشفاق پرويز ڪياني چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو سنڀاليو (اسلم بيگ وانگر آڪٽوبر 2007ع ۾ اشفاق پرويز ڪياني کي به وائيس چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويو هو) شايد ان جو سبب اهو هو ته 2007ع ۾ مشرف ۽ محترمه بينظير جي وچ ۾ معاملن جي نسبت نواز شريف سان مشرف جي ويڙهه گهڻي ذاتي نوعيت واري هئي، نواز شريف مشرف کي ٻاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مشرف کيس اقتدار مان بيدخل ڪري قيد ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ وري جلاوطن ڪري ڇڏيو، محترمه بينظير ڀٽو سان سندس ان قسم جا معاملا نه رهيا هئا، مسلم ليگ (ن) لاءِ مشرف جي اها ئي حيثيت هئي جيڪا محترمه بينظير لاءِ جنرل ضياءَ جي هئي، نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ جي ڪوشش ۾ وڏي اڳڀرائي جنرل ضياءَ جي وفات ۽ مشرف جي آرمي چيف جي عهدي تان رٽائرمينٽ جي سامهون آئي، سادن لفظن ۾ چيو وڃي ته اسلام آباد مان ڪڍيل پارٽي ان وقت تائين اقتدار ۾ نٿي اچي سگهي، جيستائين طاقتورن جي تبديلي نه اچي وڃي. جيڪڏهن هن وقت تائين پڙهندڙ ان سوچ ۾ گم آهن ته کين تاريخ جو سبق پڙهائي بور ڇو ڪيو ويو ته اچو ته هاڻي حال تي نظر وجهون ٿا، هن وقت عمران خان ملڪ تي حڪومت ڪري رهيو آهي ۽ ڪجهه ان قسم جا افواهه آهن ته شهباز شريف اسٽيبلشمينٽ سان ڪو ٺاهه ڪرڻ جي ويجهو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ان ڪري مسلم ليگ (ن) پنهنجي مفاهمت پسند سربراهه جي قيادت ۾ پنهنجي بيانيي ۾ تبديلي آڻيندي ۽ اسٽيبلشمينٽ سان پنهنجا خراب معاملا صحيح ڪندي، ان کانپوءِ ٿي سگهي ٿو ته کين پنجاب يا مرڪز ۾ اقتدار ۾ اچڻ ڏنو وڃي ته جيئن اهي پي ٽي آءِ طرفان بگاڙيل معاملا صحيح ڪري سگهن. نه ئي مون وٽ پردي پويان پويان ٿيندڙ معاملن تائين رسائي آهي، نه ئي اهم عهدن تي ويٺل ذريعا مون سان ڪا ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا، ان ڪري مون کي اها خبر نه آهي ته اهي صرف افواهه آهن يا انهن ۾ ڪا سچائي آهي، پر آئون سوچيان ٿي ته جيڪڏهن ذاتي دشمني هاڻ ماضي جو قصو بڻجي چڪي آهي ته ڇا جن ماڻهن ان بيدخلي جي حڪمت عملي تيار ڪئي هئي، اهي ان جا سبب وساري بيدخل ڪيلن کي ٻيهر اقتدار سونپي ڇڏيندا؟ پر پوءِ اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته هيءَ 1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪي وارو پاڪستان نه آهي، هاڻ طاقت جو توازن تبديل ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ ۽ عمران خان انتهائي پريشاني جو سبب بڻجي رهيا آهن، ڪنهن به خراب فيصلي کي برداشت ڪرڻ هاڻ ڏکيو ٿي ويو آهي ۽ شايد هاڻ حالتون ايتريون تبديل ٿي چڪيون آهن، جو فردن جي اها حيثيت نه رهي آهي جيڪا ڪڏهن ماضي ۾ هوندي هئي.