ليکڪ: مليحا لوڌي
اسرائيل ۽ فلسطيني تنظيم حماس وچ ۾ جنگبندي ٿي چڪي آهي، پر ان جنگبندي سان 11 ڏينهن جاري رهندڙ جارحيت جا دل ڌوڏيندڙ منظر ذهنن تان نه هٽندا، انهن 11 ڏينهن ۾ اسرائيل طرفان پناهگيرن ڪئمپن تي بمباري ڪئي وئي، ميزائل حملن ۾ ٻار شهيد ٿيا، عمارن تي حملا ڪري انهن کي پٽ ڪيو ويو ۽ ماڻهو تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي مان بيوسي سان پنهنجي پيارن جا لاش نڪرندي ڏسي رهيا هئا، اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ جيڪو انساني بحران پيدا ٿيو آهي ان سان هر فلسطيني متاثر ٿيو آهي، فلسطينين خلاف اسرائيل جي تازي فوجي مهم غاصب اسرائيل طرفان گذريل 70 سالن کان فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين ۾ هڪ ٻئي باب جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، فلسطينين کي سندن اباڻن علائقن مان بيدخل ڪيو پيو وڃي ۽ سندن زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، فلسطينين کي نه ختم ٿيندڙ ظلم، غيرقانوني گرفتارين ۽ اجتماعي سزائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، غيرقانوني اسرائيلي وستين جي تعمير لاءِ سڄي جا سڄا پاڙا ئي پٽ ڪيا پيا وڃن ۽ ماڻهن کي بيدخل ڪيو وڃي ٿو، غزه جي 20 لکن تي ٻڌل آبادي کي 14 سالن کان اسرائيل طرفان ڪيترائي ڀيرا ناڪابندي ۽ سخت پابندين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ناانصافي تي ٻڌل ان تاريخ کي ڏٺو وڃي ته حالتون بگڙجڻ لاءِ بس هڪ چڻنگ ئي ڪافي هئي، غاصب قوت فلسطينين تي باهه وسائڻ شروع ڪئي پر ان کي انهن ماڻهن سان مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو، جن جو واحد هٿيار رڳو پنهنجي مقصد تان نه ٿڙڻ جو يقين هو، تازي ڇڪتاڻ جا ڪيترائي سبب هئا، اسرائيلي پوليس طرفان رمضان مهيني ۾ مسجد اقصيٰ موجود عبادت گذارن مٿان بنا ڪنهن سبب جي حملو ڪيو ويو، ٻئي طرف والاريل اوڀر يروشلم جي علائقي شيخ جراح ۾ فلسطينين کي زبردستي سندن گهرن مان ڪڍيو پئي ويو، جوابي طور تي غزه ۽ اوڀر ڪناري وارن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڏا عوامي مظاهرا ٿيا، جن کي اسرائيلي پوليس سختيءَ سان ڪچليو، ان صورتحال ۾ حماس طرفان راڪيٽ ڇڏيا، جنهن کانپوءِ اسرائيل فضائي حملن جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 65 ٻارن سميت 240 کان وڌيڪ فلسطينين پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو. هي قتل عام 11 ڏينهن تائين جاري رهيو، ان دوران او آءِ سي طرفان مذمتي بيان ته جاري ٿيو پر ڪو گڏيل قدم سامهون نه آيو، اهو بيان لفاظي کانسواءِ ڪجهه نه هو، جن عرب ملڪن تازو ئي اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪيا آهن، انهن کان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو مطالبو به نه ڪيو ويو پر ٿي سگهي ٿو ته اسرائيل سان معاملا معمول تي آڻڻ لاءِ سندن پاليسي ئي اسرائيل ان قسم جي جارحيت ڪرڻ جو حوصلو ڏنو هجي. آمريڪا ۽ ان جي مغربي اتحادين اسرائيل جي حمايت جاري رکي ۽ فلسطينين جي پڪارن کي نظرانداز ڪندا رهيا، آمريڪي عملدارن ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو، گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي به آمريڪا جي ڪري ڪجهه ڏينهن جي دير بعد ڪرايو ويو ۽ جڏهن اهو اجلاس ٿيو ته آمريڪا طرفان باقي سمورن 14 ملڪن جي گڏيل بيان کي روڪيو ويو ۽ ان بيان ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ، فلسطيني خاندانن جي سندن گهرن مان بيدخلي روڪڻ ۽ انساني حقن جي عالمي قانونن جو احترام ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، اهڙي عمل آمريڪا کي گڏيل قومن ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو هو پر ان باوجود هن پنهنجي موقف کان پوئتي نه هٽيو. ان ۾ ڪا به شيءِ حيران ڪندڙ نه هئي، آمريڪا اسرائيل جو سڀ کان وڏو سرپرست هجڻ ناتي هڪ ڊگهي عرصي کان پنهنجي ويجهي دوست جي حفاظت ڪندو آيو آهي، ٻئي طرف هو فلسطينين جي حقن جي ڀڇڪڙين تي خاموشي اختيار رکي ٿو، اهي اهي ئي انساني حق آهن، جن جي دنيا ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ تي ڀڃڪڙي ٿئي ته آمريڪا ان تي پنهنجو آواز اٿاري ٿو، ڪيترن ئي مغربي ملڪن حماس جي حملن جي جواب ۾ اسرائيل جي دفاع جي حق واري آمريڪي بيانيي جي حمايت ڪئي. بهرحال سيڪيورٽي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر ملڪن ناروي ۽ آئرلينڊ اسرائيلي فضائي حملن ۾ ٻارن سميت عام شهرين جي موت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسرائيل نين بستين جي تعمير بند ڪري، روس اسرائيلي تنبيهه ڪندي چيو ته عزه ۾ عام شهرين جو وڌيڪ موت ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ۽ اها ڇڪتاڻ فوري ختم ڪئي وڃي.ان تازي ڇڪتاڻ جي حوالي سان جتي ڪجهه روايتي ردعمل سامهون آيا آهن، اتي ڪجهه شيون معمول جي خلاف پڻ آهن ۽ اهي ئي نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿي سگهن ٿيون. پهريون فرق ته وڏي پئماني تي ٿيندڙ اهي احتجاج هئا جيڪا هڪ ئي وقت والاريل علائقن ۽ اسرائيل جي اندر پڻ ٿيا.اسرائيل ۾ رهندڙ فلسطينين ڪڏهن به ايڏي وڏي تعداد ۾ احتجاجي مظاهرن ۾ شرڪت ناهي ڪئي، ايستائين جو نيويارڪ ٽائيمز جي تعصباڻين رپورٽن ۾ به اهو چيو ويو ته اهي مظاهرا هاڻ وڌيڪ طاقت حاصل ڪري رهيا آهن ۽ اسرائيل لاءِ خطرو بڻجڻ جو نئون رستو ڳولي رهيا آهن. گارجين لکيو ته اسرائيل ۾ رهندڙ فلسطينين طرفان ٿيندڙ مزاحمت اسرائيل اندر هڪ نئون محاذ کولي ڇڏيو آهي، اها هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا ماضي ۾ ڏسڻ ۾ ناهي آئي، اسرائيل اندر موجود ان ڪاوڙ جو سبب شايد اسرائيلي پاليسيون آهن، هيومن رائيٽس واچ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ عرب شهرين خلاف اسرائيل جي نسل پرست پاليسين جو ذڪر ڪيو هو. هن ڀيري جيڪو ٻيو فرق ڏسڻ لاءِ مليو اهو وبا جي ڏينهن ۾ فلسطينين سان ٿيندڙ سڄي دنيا ۾ عوامي ٻڌي جو مظاهرو هو، مسلم ملڪن ۾ ته ان جي اميد ڪئي پئي وئي پر پوءِ به انهن مظاهرن ۾ شريڪ ماڻهن جو تعداد بي پناهه هو، پر هن ڀيري آمريڪا ۽ برطانيا سميت ٻين مغربي ملڪن ۾ به فلسطينين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ وڏا عوامي مظاهرا ٿيا، عالمي سطح تي مظاهرن واري اها لهر حڪومتن ۽ خاص ڪري مغربي حڪومتن جي پاليسين کان انتهائي مختلف آهي، آمريڪي ڪانگريس ۽ ٻين مغربي ايوانن ۾ اٿندڙ جرئتمند آواز ان لاءِ هڪ تنبيهه آهن، صدر بائيڊن کي به پنهنجي موقف جي ڪري ترقي پسند ڊيموڪريٽس طرفان تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ آمريڪي تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته اسرائيل سان مضبوط ترين دوستي آمريڪا ۽ خاص ڪري طور تي ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي لوڏي ڇڏيو آهي. مثال طور گيلپ جي هڪ سروي مان معلوم ٿيو آهي ته ڊيموڪريٽس جي اڌ ماڻهن جو خيال آهي ته آمريڪا کي فلسطين بدران اسرائيل مٿان پوئتي هٽڻ ۽ پنهنجي موقف ۾ نرمي آڻڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. جيتوڻيڪ جنگبندي ڪري اسرائيلي جارحيت ته رڪجي وئي آهي، پر اها صرف هڪ طوفان کان اڳ واري خاموشي ئي هوندي، حقيقت ته اها آهي ته فلسطينين جو مسئلو اڄ تائين حلد طلب آهي ۽ اها عالمي برادري جي گڏيل ناڪامي آهي، گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي ڪيترين ئي قراردادن ۾ اسرائيل کان فلسطين مٿان ناجائز قبضو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، اهو مسئلو گڏيل قومن جي ايجنڊا تي سڀ کان پراڻو مسئلو آهي ۽ ان جو حل به ڪيترن ئي قراردادن ۾ بار بار ورجائجي چڪو آهي، ان جو حل هڪ خودمختيار ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تي ٻڌل ٻه رياستي حل ئي آهي. پر تازن سالن ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ جي حوصلا افزائي سان اسرائيل ٻه رياستي حل کي ڇڏي هڪ رياستي حل کي اختيار ڪري ورتو آهي ۽ غيرقانوني وستين جي تعمير ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي، اها گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردا نمبر 2334 ۽ بستين جي تعمير روڪڻ جي عالمي مطالبن جي ڀڃڪڙي آهي، انهن قراردادن تي عمل نه ٿيڻ دراصل انهن ملڪن مٿان هڪ قسم جو ڏوهه جو لاڳو ٿيڻ آهي، جيڪي بهتر تبديلي آڻڻ جي طاقت رکن ٿا. پر اسرائيل جي همدردي ۽ عالمي قانونن تي عمل ۽ عالمي نظام جي احترام جي دعوائن جي ابتڙ صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا نٿا ڪن.