ليکڪ: عبدالااحد گھنڃو
ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته جيڪڏهنٽين عالمي جنگ لڳي ته اها پاڻي تي لڳندي، پاڻي خدا جي طرفان ڏنل ھن ڌرتي جي لاءِ بھترين تحفو آهي ڇو جو پاڻي کانسواءِ انسان توڙي جانور به زندهه رھي نٿو سگهي، ھن ڌرتي تي پيدا ٿيندڙ ھر ھڪ فصل پاڻي جي ڪري ئي ٿئي ٿو، ڇو جو پاڻي ئي فقط ھن ڌرتي تي زندهه رھڻ جي لاءِ اھم ذريعو آهي، ھن وقت اسان جي سنڌو ڌرتي پاڻي جي کوٽ جي ڪري وڏي مشڪلات جو شڪار ٿي پئي آهي، اھا مشڪلات پـنجاب صوبي ۽ وفاق جي ناانصافي جي ڪري ئي پيدا ٿي آهي، ھن وقت سنڌ صوبي ۾ پاڻي جي وڏي کوٽ آهي، جنهن ڪري سنڌو درياهه سڪي ويو آهي، جنهن سبب آبادگار توڙي ھاري يا زميندار به وڏي پريشاني مان گذري رھيا آهن، اصل ۾ نواز ليگ جي دور ۾ 1991ع ۾ ھڪ اھم معاهدو ٿيو ھو، جنهن ۾ سڀني صوبن کي پنهنجي ضرورت مطابق پاڻي ڏنو ويندو ۽ پاڻي جي ورڇ اھڙي نموني ڪئي ويندي جئين ڪنهن به صوبي سان ناانصافي نه ٿئي پر افسوس جو ارسا جو معاهدو ڪافي وقت کان هر حڪومت ۾ لوڏن جو شڪار رھيو آهي، جنهن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ سنڌ صوبي کي ئي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ھن وقت پنجند تونسان ڪئنال وٽ پنجاب وارن پاڻي کي سنڌ ڏانهن اچڻ لاءِ روڪي ڇڏيو آهي، جنهن سبب سنڌ وارن لاءِ پاڻي جي وڏي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ وري پنجاب وارن جو موقف ڪجهه ابتڙ ئي آهي، انهن جي چوڻ مطابق سنڌ وارن کي پاڻي پورو ڏنو ٿو وڃي، اھي اسان تي الزام پيا لڳائين، جيتوڻيڪ ھن وقت سنڌ اسيمبلي جي فورم تي به اڄڪلهھ پاڻي جي ورڇ تي بحث ھلي رھيو آهي ته آخر ڪيئن سنڌ مان پاڻي جي کوٽ ختم ڪجي ۽ پنجاب وارن کان ڪھڙي طريقي سان انصاف ورتو وڃي ھوڏانھن بلوچستان ۾ به پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي جنهن ڪري انهن جا به فصل ۽ زمينون تباهه ٿي چڪيون آهن، ھن وقت انهي پاڻي جي کوٽ واري مسئلي جي ڪري پوري سنڌ ۾ احتجاج ۽ مظاھرا ٿي رھيا آهن آبادگار، ھاري، سوشل ورڪر، صحافي توڙي عام ماڻهو به سنڌ سان ٿيندڙ انهيءَ ڏاڍ خلاف ھر فورم تي پنهنجو آواز بلند ڪري رھيا آهن، روڊ ھجن يا رستا سوشل ميڊيا ھجي يا سول سوسائٽي ھر طبقي سان لاڳاپيل ماڻهو ھڪ ئي گهر ڪري رھيا آهن ته سنڌ ڌرتي سان انصاف ڪيو وڃي، سنڌ ڌرتي جيڪا امن پيار ۽ محبت جي ڌرتي آهي سنڌ ڌرتي جيڪا صوفين جي ڌرتي آهي ھتان جا ماڻهو جيڪي پنهنجي مھمان نوازي ۽ نياز نوڙت جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا ته پوءِ آخر سنڌ ڌرتي سان ايتري ناانصافي ڇو پئي ٿئي ۽ ھاڻي پاڻي جي ورڇ جو مسئلو قومي مسئلو بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري وزيراعظم عمران خان به سنڌ جي مسئلن کي ٻڌڻ لاءِ راضي ٿيو آهي پر ھن وقت ملڪ ۾ پاڻي جي ورڇ جو مسئلو جيترو جلد حل ٿيندو، ايترو جلد سنڌ جي زمينن لاءِ بھتر ٿيندو ٻيو ته ارسا جو جيڪو به چيئرمين رکيو وڃي اھو نيوٽرل ٿي ڪري ڪم ڪري ۽ ان تي چيڪ اينڊ بيلنس به رکيو وڃي ان سان ھر ھڪ صوبي کي انصاف به ملندو ۽ ڪنهن سان اڳتي ھلي ناانصافي جو سوال به پيدا نه ٿيندو، اسان جو ملڪ ھڪ زرعي ملڪ آهي، پاڻي کانسواءِ پوک جو تصور به نٿو ڪري سگهجي، ھاري توڙي آبادگار اتان کان ئي پنهنجي روزي ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي ٿو، ان ڪري هن اهم ۽ بنيادي مسئلي جي حل لاءِ وفاق کي تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن، اسان سمجهون ٿا ته 1991ع وارو ٺاهه به صوبن جي گهرجن کي پورو نه پيو ڪري سگهي، ان ڪري پاڻي جي معاملي تي هن وقت نئين سماجي معاهدي جي ضرورت آهي، هڪ اهڙو ٺاهه جنهن تي عمل ۾ رتيءَ برابر به فرق نه اچي ۽ ان سان نه صرف پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪيو وڃي، پر ننڍن صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ سان ٿيندڙ مسلسل ڏاڍائين، ناانصافين ۽ ارهه زوراين جو به ازالو ڪيو وڃي، نه رڳو وفاقي سطح تي پر سنڌ ۾ به صورتحال اها آهي ته جيڪو ڏاڍو اهو ئي گابو آهي، ننڍا ۽ خاص ڪري پڇڙي جي آبادگار پاڻي هوندي به ڏڪار واري صورتحال کي منهن ڏيڻ ٿا ۽ صوبي ۾ موجود آبپاشي کاتي جو ڪردار هتي ننڍن آبادگارن، هارين ۽ ٽيل وارن لاءِ ارسا جهڙو ئي آهي، ان ڪري صوبي اندر پڻ پاڻي جي ورڇ واري نظام کي شفاف بڻائڻ جي ضرورت آهي.