ايڊيٽوريل
ملڪ ۾ پاڻي جو بحران ويتر وڌي ويو آهي، ارسا پنجاب ۽ سنڌ جي لاءِ پاڻي ۾ وڌيڪ 32 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا کي شارٽ فال کان آجو قرار ڏيندي انهن کي پورو پاڻي ڏنو پيو وڃي. ان سلسلي ۾اسلام آباد ۾ پاڻي جي مسئلي تي انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبن جي حصن ۾ وڌيڪ ڪٽوتي ڪئي وئي. پنجاب ۽ سنڌ جي پاڻي جي حصي ۾ 32 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي. ٻنهي صوبن کي پاڻي جي فراهمي ۾ ان کان اڳ 23 سيڪڙو گهٽتائي هئي. اڄ کان پنجاب کي 83 هزار ۽ سنڌ کي 74 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويندو. ان سلسلي ۾ ارسا چيو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ آبي ذخيرن ۾ 60 هزار ايڪڙ فوٽ جي گهٽتائي ٿي وئي آهي ۽ سمورن ڊيمن ۾رڳو 6 لک 72 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي رهجي ويو آهي. گذريل ڏينهن 7 لک 32 هزار ڪيوسڪ پاڻي هو.24 ڪلاڪن ۾ تربيلا ۾ 5 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي گهٽ ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 71 هزار کان گهٽ ٿي 66 هزار ايڪڙ فوٽ تي اچي ويو آهي. منگلا ۾ 25 هزار ڪيوسڪ جي گهٽتائي ريڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته چشما ۾ پاڻي جي اسٽوريج ۾ 30 هزار ايڪڙ فوٽ جي گهٽتائي ٿي آهي، ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو پاڻي روڪڻ سبب صوبي ۾ پاڻي جو بحران ٿيو آهي، پاڻي جو مسئلو سياسي نه پر معاشي آهي. خريف ۾ پنجاب کي 85 ايم اي ايف پاڻي ڏيڻ سنڌ سان زيادتي آهي، پاڻي جي ورهاست ۾ سنڌ سان زيادتي ٿيندي رهي آهي. ربيع جي مند ۾ 27.67 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهٽ مليو، جڏهن ته پنجاب کي 33.18 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڌيڪ مليو. سنڌ پاڻي جي 1991ع واري معاهدي جي مخالفت ڪئي هئي، پر ان باوجود ان معاهدي ۾ جيڪو طئي ٿيل آهي ان تي ئي عمل نه پيو ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسين چاهيون ٿا ته جنهن جو جيترو به حصو آهي اهو ان کي انصاف سان ملڻ کپي، اسان کي پنهنجي حصي کان هڪ ڦڙو به وڌيڪ نه کپي. ٻيا به رڳو پنهنجي حصي جو ئي پاڻي وٺن ان کان وڌيڪ جي ڪا ڳالهه نه ڪن. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ٻين ڪيترن ئي مسئلن جي باوجود پاڻي جي معاملي ۾ سنڌ اسيمبلي هميشه گڏ رهي آهي پر هن ڀيري ان کي هن معاملي ۾ ورهايل ڏسي دلي صدمو پهتو. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هن وقت ان حد تائين پهتي آهي جو زرعي آبادي ته پري جي ڳالهه ماڻهن وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي نه آهي، اسان هتي بار بار انگ اکر پيش ڪندا آيا آهيون، اڄ اسان پراڻن انگن اکرن بدران رڳو ارسا جي اجلاس ۾ جاري ڪيل انگن اکرن تحت اهو پڇڻ چاهيون ٿا ته پاڻي جي ذخيرن ۾ کوٽ جو ذميوار ڪير آهي؟ تربيلا ڊيم مان کوٽ باوجود پنجاب کي ڪهڙي اصول ۽ قانون تحت وڌيڪ پاڻي ڏنو ويو، هي سٽون لکڻ تائين پنجاب ٽي پي ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال وٽان زبردستي 1500 ڪيوسڪ پاڻي روزانو کڻندو رهيو، اهو ڪهڙي کاتي ۾ ڏنو ويو؟ جڏهن کوٽ ۾ پنجاب ۽ سنڌ ڀاڱي ڀائيوار آهن ته پوءِ زبردستي پاڻي کڻڻ جي حوالي سان سنڌ کي پوئتي ڇو ڇڏيو ويو آهي؟ نيٺ ڪهڙي قانون تحت خريف جي مند ۾ پنجاب کي 85 ايم اي ايف پاڻي وڌيڪ ڏنو ويو، ربيع جي مند ۾ سنڌ کي ڪهڙي سزا تحت 27.67 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهٽ مليو ۽ پنجاب کي ڪهڙي ڪارنامي تحت 33.18 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڌيڪ ڏنو ويو، هيءَ سموريون چالاڪيون ڪنهن به ريت ملڪ جي مفاد لاءِ نه آهن، پنجاب ۽ وفاق گڏجي سنڌ جي پاڻي تي اسرائيل وانگر قبضو ڪرڻ واري جنهن ڪار سان لڳل آهن اها هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ هاڻ فيصلو ڪري چڪي آهي ته درياهه تي وڌيڪ ڌاڙا برداشت نه ڪيا ويندا.