190

سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 20 ھزار گھرن کي اڌ قيمت تي سولر سسٽم ملندا، وڏي وزير منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهھ ايندڙ مھيني کان 10 ضلعن ۾ ورلڊ بينڪ جي سھڪار سان چئن ارب روپين جي خرچ سان سولر ھوم سسٽم (ايس ايڇ ايس) جي منظور ڏئي ڇڏي آھي. ان رٿا هيٺ سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 20 ھزار گھرن کي 50 سيڪڙو سبسڊي ( اڌ قيمت ) تي سولر ھوم سسٽم ڏنا ويندا. سولر ھوم سسٽم حاصل ڪندڙ ماڻھو دڪاندارن کي سولر جي ڪل قيمت مان اڌ پيسا ڏيندا ۽ باقي اڌ پيسا حڪومت پاڻ ڏيندي. انهن 10 ضلعن ۾ بدين، گھوٽڪي، جيڪب آباد، ڪشمور، خيرپور، قمبر-شھدادڪوٽ، سانگھڙ، ٿرپارڪر، سجاول ۽ عمرڪوٽ شامل آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ ٻن ضلعن سانگھڙ ۽ خيرپور ۾ سولر ھوم سسٽم (ايس ايڇ ايس) سپلاءِ ڪندڙ/ وينڊر جي اھليت جي چونڊ ڪئي وئي آھي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ ايس ايڇ ايس پروگرام هيٺ پي وي سولر پليٽس، ليٿم-آئن بيٽري، 3 ايل اي ڊي بلب، ڊي سي فين ۽ ھڪ موبائل چارجر پورٽ ڏنا ويندا. ھر ضلع اندر انھن سولر ھوم سسٽم جا گھريلو يونٽ 60 سيڪڙو انھن گھرن کي ملندا  جن جي سربراھھ عورت ھوندي ۽ باقي 40 ٻين گهرن کي ڏنا ويندا. وڏي وزير توانائي کاتي کي ھدايت ڪئي تھ غريب عوام کي اھميت ڏني وڃي، خاص طور تي جيڪي ماڻھو بجليءَ کان پري وارن علائقن ۾ رھندا آھن يا اھي ماڻھو جيڪي بجليءَ جو ڪنيڪشن وٺڻ جي سگھھ نٿا رکن. وڏي وزير ان رٿا جي منظوري ڏني ۽ توانائيءَ واري وزير کي ھدايت ڪئي تھ ھُو ايندڙ مھيني ان رٿا کي شروع ڪرڻ جا انتظام ڪري. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهھ ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ ھائوس ۾ ايندڙ مالي سال 22-2021ع جي ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) کي آخري شڪل ڏيڻ واري اجلاس جي صدارت ڪندي چيو  تھ ايندڙ سال جو ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) عوامي ڀلائيءَ تي ٻڌل ھوندو، جنھن ۾ وبائي مرضن، معيشت جي بحالي، غربت جي خاتمي ۽ عورتن کي بااختيار ڪرڻ بابت اسڪيمون شروع ڪيون وينديون. وڏي وزير چيو تھ جن کاتن کي 100 سيڪڙو فنڊ ڏنا ويا آھن انهن کي گھرجي تھ ھلندڙ رٿائون مڪمل ڪيون وڃن. ھن وڌيڪ چيو تھ جن رٿائن تي 50 سيڪڙو فنڊ خرچ ڪيا ويا آھن انھن کي ايندڙ بجيٽ ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ ترجيح ڏني ويندي. وڏي وزير چيو تھ وبائي مرض سبب معيشت سخت متاثر ٿي آھي، جنھن ڪري غريبي وڌي آھي. ھن چيو تھ اسان غريبي کي ختم ڪرڻ لاءِ معاشرتي ترقياتي پروگرامن کي شروع ڪنداسين ۽ ننڍن واپارين سندن واپار جي بحاليءَ لاءِ رليف ڏنو ويندو. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ڪورونا وائرس وبائي مرض سبب گذريل ڏيڍ سال دوران تعليم واري شعبي کي گھڻو نقصان پھتو آھي. ھن چيو تھ اسان تعليمي نظام کي جديد ڪرڻ لاءِ اسڪيمن جي شروعات ڪنداسين تھ جيئن تعليمي سرگرميون بنا ڪنھن رنڊڪ جي جاري رکيون وڃن. وڏي وزير چيو تھ ٻھراڙين ۾ زراعت واري شعبي جي ترقيءَ سميت ماھيگيري ۽ پالتو جانورن جي واڌ ويجھھ لاءِ اسڪيمون شروع ڪيون وينديون. ھن چيو تھ اسان ٻھراڙي جي رھواسين کي ماھيگيري ۽ پالتو جانورن جي پالنا بابت ھٿي ڏينداسين تھ جيئن گھٽ سيڙپ سان بھتر نفعو حاصل ڪري سگھجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو