ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڌسماءَ واري وزير سيد ناصر حسين شاھھ حليم عادل جي بيان تي سندس ردعمل ڏيندي چيو آھي تھ وزيراعظم سان ملاقات دوران حليم عادل کي گھرجي ھا تھ ڌاڙيل راڄ کانسواءِ لينڊ گريبرز بابت پڻ ڳالھائي ھا تھ سٺو ٿئي ھا. سيد ناصر شاھھ وڌيڪ چيو تھ حليم عادل جيڪڏھن سنڌ جي عوام سان سچو ھجي ھا تھ وزيراعظم وٽ پاڻيءَ جي ورڇ وارو معاملو اٿاري ھا. ھن چيو تھ حليم عادل کي ڌاڙيلن جو پروٽوڪول نظر اچي رھيو آھي پر لينڊ گريبر جو پروٽوڪول نظر نھ پيو اچي. صوبائي وزير چيو تھ حليم عادل کي سنڌ ۽ پنجاب جي امن ۽ امان واري صورتحال جي ڀيٽ ڪرڻ گھرجي، کيس اندازو ٿي ويندو تھ سنڌ ۾ امن ۽ امان واري صورتحال بھتر آھي. سيد ناصر شاھھ چيو تھ حليم عادل پنھنجي بيان ۾ عمران نيازي حڪومت جي نااھليءَ جي تصديق ڪئي آھي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ اھو پڻ چيو آھي تھ وفاقي حڪومت ٽيڪس ڪليڪشن نٿي ڪري سگھي. سڌسماءَ واري وزير وڌيڪ چيو تھ اسان شروع کان چئي رھيا آھيون تھ عمران نيازيءَ جي حڪومت ٽيڪس ڪليڪشن سميت ھر سيڪٽر ۾ ناڪام ٿي وئي آھي. سيد ناصر حيسن شاھھ چيو آھي تھ سنڌ جي آبادگارن تي پاڻي چوريءَ جا الزام مڙھي صوبي جو پاڻي چوري ڪرڻ نھ ڏنو ويندو. ھن وڌيڪ چيو تھ اڄ ثابت ٿي ويو آھي تھ حليم عادل پاڻي جي معاملي تي سنڌ واسين سان گڏ نھ آھي. سيد ناصر شاھھ چيو آھي تھ حليم عادل ھجي يا فھميدا مرزا اھي رڳو پاڻي جي نظام ۾ گھٽتائيءَ جي ڳالھھ ڪندا آھن، اھي ٻئي يا سندن ٻيا ماڻھو انھن ڪينالن جي ڳالھھ ناھن ڪندا جيڪي پنجاب غيرقانوني طور تي کولي رکيا آھن. سيد ناصر شاھھ چيو تھ اوھان حق جي ڳالھھ ڪيو، سنڌ جي عوام جي آواز بڻجو ۽ پاڻيءَ تي سياست نھ ڪئي وڃي.
