اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) امتحانن جي اعلان جي حڪومتي فيصلي خلاف شاگردن جو احتجاج ڪيو، رپورٽ موجب اسلام آباد ۾شاگردن فيض آباد وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، شاگردن جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي. شاگردن جا آن لائن ڪلاس ٿيا آهن،امتحان به آن لائن ئي وٺڻ گهرجن، تعليم واري وفاقي وزير کان مطالبو ڪيون ٿا ته ان معاملي تي نظرثاني ڪئي وڃي. هوڏانهن احتجاج دوران ٽرئفڪ متاثر ٿي. جنهن ڪري پوليس ۽ شاگردن ۾ جهرپون ٿيون ۽ شاگردن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، جنهن بعد پوليس شاگردن کي منتشر ڪرڻ لاءِ لاٺي چارج ڪئي ۽ ڳورها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو.
214