206

نيب جي نالي تي ڦرلٽ،رقم ڏيندڙ 50 کان وڌيڪ سرڪاري آفيسر ۽ واپاري جاچ ۾شامل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نيب جي نالي تي ڦرلٽ ڪندڙن خلاف جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي، رقم ڏيندڙ 50 کان وڌيڪ سرڪاري آفيسر ۽ واپاري جاچ ۾شامل ڪيا ويا آهن. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب نيب چيئرمين ۽ ڊي جي نيب جي نالي تي ڦرلٽ ڪندڙ گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي نيب ڪراچي جاچ ڪئي آهي، نيب ذريعن موجب جوابدار خالد سولنگي نيب آفيسر بڻجي سرڪاري آفيسرن ۽ واپارين کي بليڪ ميل ڪري رقم وٺندو هو. ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ ڪوڙا واعده ڪيا ويندا هئا،خالد سولنگي جي پٽ حامد کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته جوابدار جي قبضي مان4 سئو کان وڌيڪ سمون هٿ آيو آهن، خالد سولنگي کي دبئي مان انٽرپول ذريعي گرفتار جي لاءِ نيب گهرو وزارت کي درخواست موڪلي آهي، خالد سولنگي کي رقم ڏيندڙن ۾ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري حامد خرشيد به شامل آهي، هو جواب ڏيڻ بدران موڪل ڪري آمريڪا هليو ويو آهي.هن ڪيسن کان بچڻ لاءِ 80 لک رپيا ڏنا هئا.حقيقت ۾ عامر خورشيد تي لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي جي حوالي سان نيب  ۾ جاچ جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو