شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور جي ڪچي ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ 6 ڏينهن اڳ ڏوهارين هٿان شھيد ٿيل پوليس اهلڪار منور علي جتوئي،عبدالخالق سولنگي ۽ ڦوٽو گرافر حسيب شيخ واري واقعي کانپوءِ آپريشن واري مامري بابت پوليس آفيسر اڃان تائين رڳو صلاحن ۽ مشورن ۾ رڌل آھن ته ڪچي ۾ آپريشن ڪيئن ڪجي، ذريعن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن به آر پي او سکر ڪامران فضل جي صدارت ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو سميت سکر ريجن جي پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي، جتي آپريشن جي حوالي سان نئين حڪمت عملي جوڙي وئي ته پوليس جتي موجود آھي اتي ئي هوندي ۽ نقشن ذريعي ڏوهارين مٿان ڊرون ذريعي ٽارگيٽ حملا ڪيا ويندا ته جيئن ڪچي ۾ آباد عام ماڻھو محفوظ رهي سگهن ڇو ته ڌاڙيل آپريشن دوران معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ عام ماڻھن کي به ڍال بڻائي سگهن ٿا، ذريعن ٻڌايو ته گڏجاڻي دوران آپريشن تيزي سان ڪرڻ تي غور ويچار پڻ ڪيو ويو، ڇو ته جون جي پهرين هفتي ۾ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي اچڻ سبب آپريشن متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي ۽ پوليس ماضي جون غلطيون سڌارڻ جي ڪوشش ڪندي، هوڏانهن نئين ايس ايس پي شڪارپور تنوير حسين تنيو چارج وٺڻ بعد پنهنجي آفيس جي سمورين برانچن جي اڳواڻن سان تعارفي گڏجاڻي ڪئي آهي جنهن دوران هن ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪچي ۾ هلندڙ آپريشن هلندو رهندو ۽ ڊرون ذريعي ڏوهارين جي نشاندهي يقيني بڻائي جديد ٽيڪنالاجي ۽ هٿيارن ذريعي کين پنهنجي منطقي انجام تي پهچايو ويندو، جڏھن ته ايس ايس پي شهيد پوليس اهلڪار منور علي جتوئي ۽ فوٽوگرافر حسيب شيخ جي گهر وڃي سندن وارثن سان ڏک ونڊي زخمي پوليس اهلڪارن جي عيادت پڻ ڪئي.
153