154

ڏهين ۽ ٻارهين جا امتحان 23 جون کان 29 جولائي تائين ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪورونا جي صورتحال بابت بهتري ڏانهن وڌڻ لڳو آهي ، جنهن کان پوءِ پابندين ۾ پڻ نرمي جو سلسلو جار ي آهي، جنهن هيٺ اين سي او سي  ڏهين ۽ ٻارهين جا امتحان 23 جون کان 29 جولائي تائين ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته  تعليمي ادارن جي استادن ۽ ٻي  عملي لاءِ ويڪسينيشن لازمي قرار  ڏني وئي آهي.  گذريل 24 ڪلاڪن  ۾ ڪورونا ۾ لاٿ ڏٺي وئي آهي،24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 73 ماڻهو فوت ۽ 2 هزار  455 ماڻهو متاثر ٿيا آهن جيڪو انگ اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، وائرس ۾ واڌ جي شرح پڻ گهٽجي 4.24 سيڪڙو  تائين پهتي آهي. ٻي پاسي وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جي اجلاس ۾ پوري ملڪ اندر ڪورونا جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ وائرس ۾گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو ويو. اجلاس ۾ اڄ کان ڪورونا جي 5 سيڪڙو کان گهٽ وارن ضلعن ۾ پڻ تفريحي هنڌ کولڻ جو اعلان ڪيو ويو. جڏهن ته  پوري ملڪ اندر ڏهين ۽ ٻارهين جا امتحان 23 جون کان 29 جولائي تائين ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڏهين ۽ ٻارهين جي امتحانن جو شيڊول لاڳاپيل بورڊ پاڻ ئي ڪندا.  ڏهين ۽ ٻارهين جي امتحانن جي تياري لاءِ صوبا سڀاڻي کان ڪلاس شروع ڪرائڻ جي اجازت ڏئي سگهندا، ڪلاس ايس او پيز هيٺ متبادل ڏينهن ۾ وٺي سگهبا.  اجلاس ۾ تعليمي ادارن جي عملي لاءِ ويڪسينيشن لازمي قرار  ڏني وئي.تعليمي ادارن جي استادن سميت سموري عملي کي 10 جون تائين ويڪسين ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ويڪسين وارن سينٽرن تي استادن توڙي اسڪول عملي  جي پهچندي ئي سندن ويڪسين ڪرڻ لاءِ انتظام به ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي. اجلاس ۾ گڏيل عرب رياستن مان ايندڙ مسافرن لاءِ ڪورونا نه هئڻ بابت مخصوص ليبارٽرين جي ٽيسٽ رپورٽ آڻڻ لازمي قرار ڏنو ويو، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ايئرلائن تي ڏنڊ وڌو ويندو، ان کان علاوه پرڏيهه مان ايندڙ مسافرن ۾ ڪورونا هئڻ جي صورت ۾ انهن کي رکڻ لاءِ ڌار قرنطينه جو انتظام ڪرڻ جو به فيصلو، سيلانين لاءِ ويڪسينيشن جو سرٽيفڪيٽ آڻڻ به لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو