اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت جي خلاف سندرو ٻڌي احتجاجي تحريڪ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن لاءِ مخلتف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ جلسن جو پروگرام پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو فيصلو مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ن ليگ جي صدر شهباز شريف، مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ مختلف پارٽين جي محمود خان اچڪزئي، آفتاب احمد خان شيرپائو، مير ڪبير شاهي ، طاهر بزنجو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس کان پوءِ فضل الرحمان پي ڊي ايم جي ٻين اڳواڻڻ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪرپشن ۽ غير آئيني ڪمن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ان لاءِ قانوني ٽيم ٺاهي آهي، جنهن جو ڪنوينر اعظم نذير تارڙ کي مقرر ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ پوري ملڪ ۾ احتجاج ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. فيصلي موجب 4 جولائي تي سوات ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، 29 جولائي تي ڪراچي ۾ وڏو جلسو ڪيو ويندو ۽ 14 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. هن چيو ته خطي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿيندي پئي وڃي، ان ڪري اجلاس ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته افغانستان جي معاملي تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي، جنهن ۾ لاڳاپيل ادارا ايوان کي صورتحال جي ڄاڻ ۽ دوحه معاهدي بابت بريفنگ ڏين. پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، ضروري هجي ته بند ڪمري ۾ ئي اعتماد ۾ ورتو وڃي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته هيءُ حڪومت عوام جي چونڊيل حڪومت نه آهي. جنهن حڪومت کي عوام جي حمايت حاصل نه هجي اها ڪنهن به چئلينج جو مقابلو نه ٿي ڪري سگهي. اجلاس ۾ پي ڊي ايم چونڊن ۾ اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي تجويز رد ڪري ڇڏي. هن چيو ته ناجائز والار جي آڙ ۾ ماڻهن جي ملڪيتن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، غريبن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي. صحافين تي حملن جي مذمت ڪريون ٿا، پي ڊي ايم قيادت متاثر صحافين وٽ پڻ ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اجلاس ۾ پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي بابت غور نه ڪيو ويو، مطلب ته جيڪي اسان سان گڏ نه آهن انهن بابت اجلاس ۾ ڪو به غور نه ڪيو ويو. پر جيڪڏهن پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي واپس اچڻ گهرن ته انهن جي رابطي جو انتظار رهندو. ان موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪستان مسلم ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو ته پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي بابت جيڪو ڪجهه به چوڻو هو سو چئي چڪا آهيون، ان معاملي کي هرو ڀرو ڇڪيو نه وڃي.
