142

”پي ٽي آءِ ايم ايف“ واري بجٽ کي پارليامينٽ مان منظور ٿيڻ نه ڏينداسين: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وڏن ٽئڪسن ذريعي عام ماڻهو جي کيسن مان پئسو ڪڍي خزانو ڀرڻ جي دعويٰ ڪارنامو نه پر شرم جي ڳالهه آهي. پنهنجي بيان بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام دشمن حڪومت عوام دوست بجيٽ نه ٿي ٺاهي سگهي، تنهن ڪري ”پي ٽي آءِ ايم ايف“ واري بجٽ جي پارليامينٽ مان منظور ٿين نه ڏينداسين.   آءِ ايم ايف جي پگهاردار ملازمن طرفان ٺاهيل بجيٽ جي منظوري پاڪستان جي خودداري تي هڪ حملو هوندو، عوام پي ٽي آءِ جي ڪرتوتن کي چڱي ريت سمجهي چڪو آهي. هن چيو ته سخت شرطن تي ورتل قرضن ۽ ناقابل برداشت ٽيڪسن سان خرانو ڀرڻ جي دعويٰ معاشي ترقي ناهي، ملڪ جي عام ماڻهو وٽ مهانگي دوا خريدڻ تائين پئسو ناهي ته اهي خزانو ڀرڻ جي عمران خان جي دعويٰ جو ڇا ڪندا؟ عمران خان جو هر پاڪستاني کي پوڻا 2 لک رپيا جو قرض ڪري معاشي ترقي جا راڳ ڳائڻ عوام جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ جهڙو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جو هدف عام ماڻهو کان ڳرا ٽيڪس وصول ڪري خزانو ڀرڻ ۽ پنهنجي امير دوستن کي ان خزاني مان ايمنسٽي اسڪيمون ڏيڻ آهي، پي ٽي آءِ جون معاشي پاليسيون عوام دوست ناهن پر ڪجهه سيڙپڪارن جي چوڌراي گهمن ٿيون، پ پ ملڪ جي اڪيلي سياست جماعت آهي، جنهن جون معاشي پاليسيون عوام جي مفادن تي ترجماني ڪن ٿيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو