143

پي ڊي ايم اي ۾ واضح تضاد آهن،هڪ ڌڙو هڪڙو راڳ ۽ ٻيو ٻيا ساز وڄائي رهيو آهي:فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پي ڊي ايم اي ۾ واضح تضاد آهن،هڪ ڌڙو هڪڙو راڳ ۽ ٻيو ٻيا ساز وڄائي رهيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻيو ڌڙو پارليامينٽ جي اندر ڳالهائڻ بابت بيان ڏئي ٿو،فضل الرحمان پنهنجي سياسي محرومي جي بدلو جمهوري نظام کان نه وٺي، هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ واضح تضاد سامهون آهي،شهباز شريف هڪڙو راڳ ڳائي رهيو آهي ته فضل الرحمان ڪي ٻيا ساز وڄائي پيو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي مخالفت ڪندڙ ڌانڌلي واري نظام کي هٿي وٺرائڻ چاهين ٿا،کين ناڪامي نصيب ٿيندي، هن چيو ته پي ڊي ايم جي گڏجاڻي رڳو جلسو،تقرير ۽ پريس ڪانفرنس واري هئي،هڪ ڌڙو جلسو جلسو کيڏڻ چاهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو