فائرنگ 237

ملير ۾ ٻن ڌرين ۾ زمين تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 4 زخمي، 4 ڄڻا گرفتار

ملير(ويب ڊيسڪ)ملير ۾ شاهه لطيف ٿاڻي جي حد نيشنل هاءِ وي جوڳي موڙ ويجهو ڪريم سوسائٽي ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين  ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، 4 ڄڻا زخمي، اطلاع تي شاھ لطيف پوليس پهچي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو،فوتي جو مڙھ ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو، مارجي ويل ڪريم سوسائٽي جو هڪ پارٽنر عزير هيسباڻي، جڏهن ته زخمين ۾ حاجي نظر جوکيو، محمد شير ۽ نظير ٻيا به شامل آھن، ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو جو چوڻ آھي جهيڙي واري هنڌ پهچي ڪاروائي ڪندي گرفتاريون ڪيون آھن، جئين وڌيڪ جاني نقصان نه ٿئي، چار ڄڻا گرفتار ڪيا آھن، معاملو زمين تان ٿيو آھي ٻئي پارٽنر آھن، هن چيو ته وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آھيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو