229

ماٿيلو ۾ پوليس جو نجي ٽارچر سيل، 2 نوجوان ڪٽي ڪٽي مرڻينگ، صحافين تي به وحشياڻو تشدد، بيهوش

ميرپورماٿيلو(ويب ڊيسڪ) ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو خالد ميمڻ جو پرائيوٽ جڳهه ۾ ٽارچر سيل قائم ، ٻن ڳوٺاڻن نوجوان کي ڏوهاري قرار ڏئي 5-5 لک روپيه رشوت طلب، انڪار ڪرڻ تي هڪ نوجوان کي ويهڪ واري نازڪ عضوي ۾ لوهي گرم سريون رکي تشدد جا رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا ، نوجوان کي مسلسل هڪ هفتي تائين نازڪ جڳهه تي تشدد ۽ ويهڻ واري جاءِ کي رتورت ڪري ڇڏيو ، نوجوان ويهڻ ۽ هلڻ کان لاچار ، ٻي نوجوان کي پڻ تشدد ڪندي بيهوش ڪري ڇڏيو ، نوجوان جي وارث عورتن جي نشاندهي تي نجي ٽارچر سيل تي ميڊيا جي ٽيم پهچي وئي ، اسٽنگ آپريشن ڪري ٻنهي نوجوانن تي ٿيل تشدد جي وڊيو ڀرڻ تي پوليس آپي مان نڪري وئي ، وڌيڪ نفري طلب ، ٻن صحافين ۽ ڪيمرامين تي تشدد ڪندي موبائل فون ڦر ڪري ورتا ، هڪ صحافي ۽ ڪيمرامين کي پوليس کنڀي کڻي وئي ، صحافي مٿان وحشياڻو تشدد ، صحافي بيهوش ، پوليس مرڻ جي خوف کان صحافي ۽ ڪيمرامين کي نيشنل هاءِ وي سفاري پارڪ وٽ اڇلائي فرار . خبرموجب: ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو خالد ميمڻ جي نجي ٽارچر سيل ۾ ٻن به گناهه نوجوانن نديم ميراڻي ، خليل ڀٽي کي قيد ڪري تشدد ۽ نديم ميراڻي کي ويهڻ جي جاءِ تي لوهي گرم شيخن سان تشدد ڪري هلڻ ۽ ويهڻ کان لاچار بڻائي ڇڏڻ ۽ ٻنهي نوجوانن جي آزادي لاءِ پنج ، پنج لک روپيه رشوت طلب ڪرڻ تي نوجوانن مان نديم ميراڻي کي 20 ڏينهن کان قيد ۽ خليل ڀٽي کي هڪ هفتي کان ٽارچر سيل ۾ قيد ڪري رکيو ويو هو ۽ ٻنهي نوجوانن جا وارث پنهنجي نوجوانن کي ڳولا ڪرڻ لاءِ قرآن پاڪ پڻ گهمايو گذريل ڏينهن خليل ڀٽي جي وارث عورتن کي نوجوان سان ملائي رشوت جي رقم نه ڏيڻ تي هاف ڦرائي ڪري ڦر جو ڪيس داخل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي جنهن تي خليل ڀٽي جي وارث عورت ٽارچر سيل جي نشاندهي ڪندي ميڊيا جي ٽيم کي پهچايو ، جتي ٽارچر سيل جي ڪوريج لاءِ صحافي مختلف هنڌن تي بيهي ڪري ڪوريج ڪري هڪ صحافي ڇت تان لهي ٻنهي نوجوانن ۾ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي نوجوانن کان ٿيل ظلمن جي تفصيلي وڊيو رڪارڊ ڪندي ويهڻ واري نازڪ عضوي تي ٿيل تشدد جي رڪارڊ ڪندي پوليس کي خبر پئجي وئي، اطلاع تي پوليس جا 20 کان 25 اهلڪار پهچي صحافي  گهري ۾ آڻي ٻن صحافين ظهير وسير ۽ جعفر شيخ کي هڪ دوڪان ۾ بند ڪري تالو لڳايو ۽ هڪ صحافي برڪت ميراڻي کي تشدد ڪري موبائل فون ڦر ڪري ٻڌي ويهاريو جڏهن ته صحافي لطيف وسير ۽ سندس ڪيمرامين خالد وسير کي وحشياڻو تشدد ڪندي پوليس اهلڪارن موبائل ڦر ڪري وارن کان پڪڙي گهليندا رهيا ۽ تشدد ڪرڻ بعد پوليس موبائل ۾ اڇلائي نامعلوم هنڌ کڻي وڃڻ دوران پڻ لطيف وسير کي پوليس موبائل ۾ ٺونشن ۽ لتن سان تشدد ڪندي بيهوش ٿيڻ تي پوليس اهلڪارن امڪاني سخت گرمي سبب مرڻ جي خوف کان سرحد ٿاڻي جي حد نيشنل هاءِ وي ڀرسان سفاري پارڪ ڦٽو ڪري ڪيمرامين کي به لاهي فرار ٿي ويا جڏهن ته اهڙي واقعي جي اطلاع تي صحافين جي وڏي تعداد ٽارچر سيل واري هنڌ پهچي ويا جتي صحافين ۽ پوليس وچ ۾ جهڙپون ٿيڻ بعد پوليس ٻنهي گرفتار ٽارچر سيل ۾ رکيل نوجوانن کي زبردستي پوليس موبائل ۾ وجهي نامعلوم هنڌ ريفر ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو