153

پيپلز پارٽي چاهي ته وفاقي حڪومت ختم ٿي سگهي ٿي: مصطفيٰ ڪمال

ميرپورخاص(ويب ڊيسڪ) پي ايس پي چئيرمين  سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪراچي کي حصي مان ڏيڍ سيڪڙو پاڻي ڏنو وڃي، بجلي سميت روزگار جي صورتحال بدترين سطح تي پهچي چڪي آهي، وفاقي حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي قابل ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ مخالفن خلاف نيب ڪيس ٺاهڻ سواءِ وقت ناهي ،  اھڙو اظھار پي ايس پي چئيرمين  سيد مصطفيٰ ڪمال ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ھن چيو ته سنڌ ۾ تمام گهڻا مسئلا آهن ، اهو سمجھڻ مشڪل آهي ته پهرين ڪنهن مسئلي تي بحث ٿيڻ گهرجي،  13 سالن ۾ پ پ سنڌ ۾ عوام جا پيسا کائڻ کانسواءِ ڪجھ به نه ڪيو، سنڌ حڪومت کي 10 سالن دوران اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾  8 ھزار 370 ارب روپيا مليا، پر ان باوجود سنڌ تباھ ٿي  ويئي آھي، منھنجي دور ۾ ڪراچي تي  صرف 3 سئو ارب روپيا خرچ ڪيا ته ان وقت دنيا ۾ ترقي ڪندڙ شھرن ۾ شامل ھو، ھن چيو ته بجلي سميت روزگار جي صورتحال بدترين سطح تي پهچي چڪي آهي، وفاقي حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي قابل ڪونه آهي ڇاڪاڻ ته انهن وٽ مخالفن خلاف نيب ڪيس ٺاهڻ سواءِ وقت ناهي، چيئرمين پي ايس پي وڌيڪ چيو ته عمران خان جي حڪومت پي پي جي ڪري بچيل آهي ڇو ته عمران خان جي حڪومت هلائڻ لاءِ سنڌ جي عوام جو پئسو ڀتي طور ڏنو پيو وڃي، ميڊيا سامهون پيپلز پارٽي پاران وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو  هڪ ڊرامو ڪندا آھن، سنڌ حڪومت چاھي ته وفاقي حڪومت کي ختم ڪري سگھي ٿي، پر ملي ڀڳت سان عوام کي لٽيو پيو وڃي ۽ وفاق سنڌ جي گروي رکي ڇڏيو آھي، ھن چيو ته  سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ايتري ناھي پر پ پ  زرعي پاڻي چوري ڪرڻ ۾ ملوث آھي، جنھن پ پ کي ووٽ ڏنا انھن جي زمينون آباد آھن، جن نه ڏنا انھن جون زمينون بنجر بڻجي رھيون آھن، هن چيو ته ڪراچي کي سنڌ جي حصي مان ڏيڍ سيڪڙو پاڻي ڏنو وڃي ۽ پ پ حڪومت ٽينڪر مافيا جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي،پريس ڪانفرنس ۾ پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ  صدر پي ايس پي انيس قائمخاني ۽ مرڪزي اڳواڻ شبير قائمخاني  سميت ٻيا اڳواڻ هڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو