حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ھوسڙي لڳ کٿڙ ڀرسان ڳوٺ بچل شورو ۾ شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي علائقي عزيزآباد بنگوريو ڳوٺ مان حيدرآباد طرف لوڪل گاڏي پڪ اپ سوزڪي ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ايندي مڱڻھار برادري جي ھڪ ئي خاندان سان خوفناڪ حادثو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾69 سالن جو مشتاق مڱڻھار، 45 سالن جو حسين بخش پٽ مولائي مڱڻھار، 44 سالن جو نظام الدين پٽ پنھون مڱڻھار، 40 سالن جو فاروق پٽ پنھون مڱڻھار، 4 سالن جو مشتاق علي پٽ حسين بخش مڱڻھار، 13 سالن جو زاھد علي پٽ حسين بخش مڱڻھار، 6 سالن جو عباس علي ۽ 8 سالن جو اقبال ٻئي پٽ وحيد علي مڱڻھار، 12 سالن جو فيضان علي پٽ سلام الدين مڱڻھار،11 سالن جو علي پٽ مھندي حسن مڱڻھار، 38 سالن جي مسمات ياسمين، 34 سالن جي انيلا، 44 سالان جي زينب، جميلا ۽ ميملي شديد زخمي ٿي پيا.جن کي لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي پوليس سول اسپتال ڄام شورو کڻائي وئي، جتان کان حسين بخش، نظام الدين ۽ فاروق مڱڻھار کي ڳڻتي جوڳي حالت سول اسپتال حيدرآباد ۽ 4 سالا معصوم نينگر عباس پٽ وحيد علي کي جناح اسپتال ڪراچي نيو جتي زخمن جا سور نه سھندي نينگر فوت ٿي ويو. ھڪ ئي خاندان سان خوفناڪ حادثي جو ٻڌي فوري طور تي نوٽيس وٺندي ڊي سي حيدرآبا فواد غفار سومرو مختيار ڪار سٽي ابوبڪر سڌايوکي سول اسپتال حيدرآباد موڪلي زخمين جي عيادت ڪندي زخمين سان ھمدردي ڪيو، واضح رهي ته تيز رفتاري ۾ سوزڪي جي ٽائيراڊ ٽٽڻ سبب حادثو پيش آيو.
206