اِها ڳالهه مڃڻ جهڙي آ ته مهانگائي اسان جهڙن ملڪن ۾ روڪي نه ٿي سگهجي، ڏسجي ته 80 کانپوءِ جا ڏهاڪا مهانگائي، شين جي ٻيڻي چئوڻ تي وڌي وئي آهي، پگهارن جي مد ۾ هزارن مان لکين رپيا ٿيڻ بعد معيشت جي چرپر ئي آهي، پر نه هجڻ جي برابر آهي، شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ رپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي لڳاتار ايندي آئي آهي ۽ اهڙو عمل ماڻهن جي زندگي لاءِ آزار بڻجي ويو آهي، ڇو ته ناڻي جي قيمت ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي ۽ مٿان وري اڪنامڪ انڊيڪيٽرز جي اڻبرابري ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته حڪمران مهانگائي گهٽائڻ توڙي معيشت جي سڌاري لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهندا ۽ نه ئي وري ڪجهه ڪري سگهڻ جي سگهه رکن ٿا، رڳو سکڻيون ڳالهيون، ڏٽا، اجايا دورا باقي عملي ڪم ڪجهه به ناهي، اهو چوڻ صحيح ناهي ته معيشت صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي، اهو منهنجي نظر ۾ قوم سميت پاڻ سان به دوکو آهي، مٿان وري ناڻي جي نئين چونڊيل وزير جا عجيب غريب ۽ ڏٽن وارا بيان ختم ئي نه ٿا ٿين، ڪڏهن آءِ ايم ايف کي درخواست ٿو ڪري ته معاشي ۽ بجيٽري سختيون نه ڪري ته جيئن حڪومت بجلي، گئس ۽ پيٽرول جا اگهه نه وڌائي، سو به رڳو بجيٽ تائين، بجيٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ هنن جا سڀ اڇا ڪارا ظاهر ٿي پوندا، ڇو ته اسان وٽ ڪڏهن به بجيٽ عوامي يا فرينڊلي ناهي رهي، پوءِ اهڙي صورتحال جنهن ۾ واضح آهي ته معيشت جا انڊيڪٽرز صحيح ناهن، معنيٰ امپورٽس ۾ گهٽتائي ناهي آئي ۽ نه ايندي، رهندو امپورٽس وڌندي، ڇو ته ماڻهن جو اعتماد ٻاهرين ملڪن جي شين تي آهي، ڪنهن طرح اهو گهٽ يا ختم نه ٿو ڪري سگهجي، وري اهو به آهي ته اسان جي شين تي ٻاهرين ملڪن کي يقين ناهي ته پوءِ ايڪسپورٽ به نه وڌندي، پر ماڻهن جي مهانگائي جي ڪري چيلهه ضرور ڀڄندي، ڇو ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ايندي رهندي، ان ڪري جو معيشت جا انڊيڪيٽرز خراب حالت ۾ آهن. ڪورونا جي ڪري جتي سڄي دنيا متاثر رهي آهي اتي لاڪ ڊائون جي ڪري اسان جي ملڪ جي عام ماڻهن جي زندگي به گهڻي متاثر رهي آهي، ڇو ته جيڪا آبادي ڏهاڙي تي ڀاڙيندي هجي انهن جو گذران ڏکيو آهي، وري ڪورونا جي ڪري دنيا جي ماڻهن جا روزگار ختم ٿيندا ٿا رهن. مثال لاڪ ڊائون جي ڪري بحري جهازراني، هوائي جهازن جون اڏامون، ٽوئرزم، هوٽلون، شاپنگ مالز، صنعتون ۽ الاهي ساريون ٻيون فيڪٽريون بند ٿيون رهن ۽ جتي دنيا جا سڀ ملڪ متاثر رهيا اتي اسان به ٿيا آهيون ، پبلڪ ڪارپوريشنز ۾ 286 مان 143 بلين جي لاٿ آئي؟ اهو مڃون ٿا ٻاهرين ملڪن ۾ ڪورونا جي صورتحال بهتر ٿيڻ جي ڪري اتي پاڪستانين جي روزگار جي بحالي ۽ ”رميٽنسز“ ۾ اضافو ٿيندو ٿو رهي جيڪو هاڻي 15.6 بلين ڊالرز تي اچي ويو آهي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ گهڻو آهي، پر اتي اها ڳالهه سمجهه جوڳي آ ته ملڪ ۾ آٽوموبيلز (گاڏين) جي خريد ۽ فروخت ۾ اضافو ٿيو آهي يا ايڪسچينج وڌي آ هي يا امپورٽس وڌي آهي، ماڻهن جو ٻاهرين ملڪن جي گاڏين تي ڀاڙڻ گهڻو وڌيو آهي، جيڪو معيشت جي لاءِ سٺو انڊيڪيٽر ناهي پر سرڪار کي رڳو ٽيڪسز جي مد ۾ پئسا اوڳاڙڻا هوندا آهن، ان ڪري فارين اسٽاڪ ۾ اضافو هنن جي حق ۾ کڻي بهتر آهي پر ملڪ جي لاءِ بهتر ناهي. هارين کي سبسڊي جي ڳالهه سمجهه اچي ٿي پر هن سال 1.1 ٽرلين هارين جي مدد ڪندا، ڪسان ڪارڊ جي نالي وري نئين اسڪيم هلائيندا پر اهي ته اعلان رهيا، ميدان ۾ ته ڪجهه به ناهي، هنن جا اسان ته صحت ڪارڊ به ڏٺا آهن، هنن جا هيلٿ انشورنس جھڙا بهانا ڏٺا، هنن جا شيلٽر هومز به ڏٺا، هاڻي جي هي ڪسان ڪارڊ جي ڳالهه ٿا ڪن ته پوءِ اهو اسان جي لاءِ ڪهڙا سج اڀاريندو؟ وري 100 بلين رپيا ٻجن، ڀاڻن ۽ زرعي دوائن جي مد ۾ هارين کي سبسڊي ڏئي چڪا آهن، جنهن جي ڪري اسان وٽ اٽو، چانور، تيلي ٻج ۽ داليون گهڻي مقدار ۾ لٿيون آهن پر مهانگائي جي شرح ته اها آهي جو اهي شيون غريب ماڻهن جي پهچ کان مٿي آهن، ڇو ته مهانگائي جي شرح گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ هاڻي وڌي وئي آهي ، هاڻي ان مهانگائي واري ڳالهه ۾ ايڏي الجبرا ناهي جو سمجهه ۾ نه اچي. مثال ڏسون ته عام واهپي جون شيون جن ۾ اٽو، کير، کنڊ، داليون، دوائون، پيٽرول، گيهه ۽ کاڌي جو تيل سستا ٿيا آهن يا انهن جي اگهه ۾ اضافو ٿيو آهي، يعني اها شرح يا نسبت ته سمجھڻ جھڙي آهي جو شيون ته پنهنجي جاءِ تي رهيون ئي ناهن پوءِ ڪيئن مڃون ته هارين جي سبسڊي ڪم جي آهي، پر وري به حيرت آهي ان ۾ سبسڊي جي ڪري به کنڊ جو بحران رهيو ۽ کنڊ جي اگھن ۾ رڪارڊ اضافو رهيو، جيڪو ڪمند جي ”گروئر“ ڏي شفٽ نه ٿيو ان جو اضافو ته وري ”بروڪر“ کائي ويا، دنيا ۾ هاري مزدور ڀلي سکيو هجي، انهن وٽ زندگي جا آرام ۽ چين هجن، اهي ڀلي زندگي آساني سان گذاريندا هجن پر اسان پنهنجي ملڪ ۾ هارين ۽ مزدرون جي زندگي ڏسون ٿا ته اهي اٽي جي ٻوري ته کڻي سگهن ٿا پر وٺي نه ٿا سگهن. مهانگائي هر مهيني وڌندي ٿي رهي، ”بيورو آف اسٽيٽسٽڪس“ کي ڏسون ته ”ڊبل ڊجٽ“ جي حساب سان مهانگائي وڌندي نظر ايندي، جيڪا مارچ ۾ 9.1 هئي ته اپريل ۾ 11.1 سيڪڙو جي اضافي سان رهي، مثال جيڪا شيءِ 10 مهينا اڳ 100 رپين جي هئي ته هاڻي ان ۾ 150 يا ان کان به وڌيڪ چاڙهه آهي، پوءِ مهانگائي ڪيئن گهٽ ٿيندي.
