201

سنڌ جا ڪچا ڌاڙيلن کان ڪڏهن خالي ٿيندا…؟!

ليکڪ: نور خان بکراڻي

سنڌ جي مٽي مهراڻ جي ڇولين جي ڪري سر سبز آهي، پر ڪچي جي زمين ۾ قدرت طرفان هڪ عجيب زرخيزي سمايل آهي. اهو ئي سبب آهي جو اتي مختلف ڏوهاري گينگ ديرو ڄمائي، محفوظ ٺڪاڻا ٺاهي، پنهنجيون ڪالونيون جوڙي سالن کان زرخيز زمينن تي قابض آهي ۽ وقتن بوقتن وڏا وڏا ڏوهاري ٽولا اتي پناهه وٺندا رهيا آهن، دنيا جي هر ملڪ ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ جي بنيادي ذميواري پوليس کاتي جي هوندي آهي. ان کي ڏوهارين کي پڪڙڻ، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ، جاچ ڪرڻ، ملزم کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ، رمانڊ وٺڻ يا سزا ڏنل ڏوهارين کي قيد ۽ بند ۾ رکڻ جهڙيون اهم ذميواريون پڻ مليل آهن. عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ سندن پهرين ۽ بنيادي فرضن ۾ شامل آهي. ان کانسواءِ قانون جي ڀڃڪڙي ۽ حڪومتي رِٽ کي چئلينج ڪندڙن کي پڪڙي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ به سندن ذميوارين ۾ شامل آهي، عام طور تي ڏٺو وڃي ته تمام گهٽ اُجرت تي مقرر هڪ پوليس جو سپاهي پنهنجي قيمتي جان جوکي ۾ وجهي هر وقت ڏوهارين جي تلاش ۾ گشت ڪندو رهي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن اوچتو دوبَدو ٽڪراءُ به ٿي ويندو آهي، جنهن ۾ ڪڏهن پوليس جي جوانن جون شهادتون به ٿي وينديون آهن، جيڪا ڳالهه حڪومت سميت اسان سڀني لاءِ پريشان ڪندڙ آهي ته ڪيئن ڏوهاري ٽولا قانون کي هٿ ۾ کڻي پوليس سان مُهاڏو اٽڪائي خوف ۽ هراس وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا؟ افسوس ته ان ڳالهه جو به ٿئي ٿو ته ڪيئن ڏوهاري عنصر حڪومتي رِٽ کي چئلينج ڪري فورسز، پوليس ۽ رياستي اداران تي حملا ڪري پنهنجي دهشت، جبر ۽ ظُلم جي راڄ کي قائم ڪرڻ جي جرئت ڪن ٿا؟ ظاهر آهي ان سڄي ڪهاڻي جي پَس مَنظر ۾ هڪڙا وڏا مافيا، ڪرپٽ ڪامورا ۽ پوليس جي اندر موجود ڪجهه ڪاريون رڍون پڻ ملوث آهن، جيڪي ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهن، جنهن سبب ڏوهارين جي مقابلي ۾ اڪثر پوليس جو وڌيڪ جاني نقصان ٿيندو رهيو آهي. تازو شڪار پور جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف شروع ڪيل آپريشن ۾ 2 پوليس اهلڪار ۽ هڪ ڦوٽوگرافر شهيد ۽ 2 جوان زخمي ٿي پيا ۽ اي پي سي چين به ڌاڙيلن پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڪاميابيءَ جي وڊيو ڀري ديدہ دليريءَ سان فيس بڪ تي وائرل به ڪري ڇڏي ۽ اهڙي واقعي جي ٻن ڏينهن کان پوءِ لاڙڪاڻي شهر جي آريجا ڦيڙو ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين ۽ پوليس جي وچ ۾ ٽڪراءَ سبب آمهون سامهون فائرنگ جي نتيجي ۾ سنڌ پوليس جا 2 اهلڪار شهيد ٿي و يا، جنهن کانپوءِ مقابلي ۾ 3 ڏوهاري به مارجي ويا، افسوس! ڪو وقت هوندو هو جو هر ماڻهو پوليس جي ورديءَ کان ڊڄندو هو، پر اڄڪلهه ان کي ڏوهاري عنصر شڪست ڏئي کين طنزيه انداز ۾ للڪاري خوشيءَ وچان جشن ملهائي رهيا آهن، پوليس کاتي کي ايئن هٿ وٺي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪنهن جو ڪردار آهي؟ ظاهري طور تي ته ان ۾ذميواري حڪومت جي ئي نظر اچي ٿي ڇو ته ڊپارٽمينٽ ۾ آئي جي کان وٺي سڀ مقرريون ۽ بدليون اها ئي ڪري ٿي، ته پوءِ ان جي ڪارڪردگيءَ جي ذميواري به ان تي ئي لاڳو ٿيڻ گهرجي. پوليس کي جڏهن کان سياسي اڳواڻن جي حفاظت لاءِ بنگلن تي مقرر ڪرڻ جي روايت پئي تڏهن کان اداري جي ڪارڪردگي تي به سوال اُڀرڻ لڳا ته هي عوام جي جان مال جي حفاظت ڪرڻ بدران ميرن، پيرن ۽ سردارن کي ئي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ ڀرتي ڪئي وئي آهي، جنهن ڏينهن کان پوليس سياسي اثر هيٺ اچي وئي ۽ ان جو ڌيان ڏوهن جي روڪٿام ۽ ڏوهارين کي پڪڙڻ بدران رڳو سياسي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ طرف ٿي ويو ته نتيجي ۾ غريب عوام ڏوهارين جو آسان شڪار ٿيڻ لڳو، ساڳئي وقت پوليس جي عملداري ۽ ڪارڪردگي پڻ سخت متاثر ٿي ۽ ڏوهارين تي سندن پڪڙ ۽ گِرفت ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيڻ لڳي، ان جي ڀيٽ ۾ ڏوهاري عنصر طاقتور ٿيندا رهيا. هاڻي ته حالت اها آهي جو پوليس تان عوام جو ويساهه ئي کڄي ويو آهي ۽ ڏوهن ۾ ايترو ته اضافو ڏسڻ ۾ اچي ٿو جو انهن کي روڪڻ يا ختم ڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ پوليس جي وس کان ته ٻاهر آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو عوام امن امان جي بحالي لاءِ رينجرز ۽ پاڪ فوج ڏانهن نهاري رهيو آهي، ۽ اهو مُطالبو زور وٺي رهيو آهي ته ڪچي ۾ امن ڪرائڻ لاءِ فوج کي ذميواريون ڏنيون وڃن، نه ته عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻيل رهندو، هن وقت اتر سنڌ جي ڪچي وارا ضلعا، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، سکر، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو ۽ خيرپو ڏوهارين جا مضبوط ٺڪاڻا بڻجي ويا آهن ۽ اهي ضلعا اغوا انڊسٽري پڻ بڻجي چُڪا آهن ۽ انهن ضلعن جي ڪچي ۾ رهندڙ مختلف ڏوهاري ٽولا پوليس جي رِٽ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهن، انهن علائقن ۾ اغوا، ڦُر، ڌاڙا هاڻي ايترو ته زور وٺي ويا آهن جو عام شهري پاڻ کي انتهائي غير محفوظ سمجهي ٿو. گهران نڪرڻ کان پوءِ حفاظت سان واپس ٿيڻ لاءِ قرآن پاڪ ۽ درود شريف جو ورد پڙهندو رهي ٿو .سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڏوهارين جي راڄ ختم ڪرڻ ۽ ڌاڙيل ڪلچر کي ڪُچلڻ لاءِ پوليس کي مُناسب تربيت، جديد هٿيار ۽ مڪمل اختيار ڏئي خود مختيار ادارو بڻايو وڃي ته جيئن ڏوهن تي تُرت ضابطو آڻي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو