ليکڪ: ڊاڪٽر غلام سڪينه سمون
ڪنڌڪوٽ ۾ 9 انساني جانيون زيان ٿيڻ جو دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، جيڪو سرداري/ جاگيرداري نظام جي بدولت رونما ٿيو آهي پر ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ اهڙا دل ڏکوئيندڙ حادثا انسانن جي ذهنن تان ميسارجي وڃن ٿا. ڪجهه عرصي لاءِ ته ماڻهو رد عمل به ظاهر ڪن ٿا ۽ جذباتي ٿين ٿا پر اهو هڪ انساني فطري رد عمل آهي جيڪو وقتي طور تي جنم وٺي ٿو. حقيقت ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تاريخ ۾ ٻيهر ڪو اهڙو واقعو نه دهرايو وڃي، ڪڏهن انهيءَ ڳالهه تي غور ڪيو ۽ سوچيو ته جنهن سرداري/ جاگيرداري نظام يا وڏيرڪي نظام کي سماج نِندي پيو. ڏٺو وڃي ته انهن سردارن ۽ جاگيردارن کي پيدا ڪرڻ وارو ئي هي سماج آهي، جنهن رياست ۾ منصفاڻي ورهاست نه هجي، طبقاتي نظام نه هجي ۽ مزاحمت جي قوت نه هجي ته اتي هر ڏينهن اهڙا واقعا پيش ايندا رهندا آهن، انهيءَ جو بنيادي ڪارڻ معاشري ۾ تعليم جي گهٽتائي چئبي ۽ ٻيا جيڪي تعليم يافته اڪابر چورائين ٿا، انهن جا ته موضوع ئي عشق، محبت ۽ حسن رهيا آهن، شاهه سائين جي ڪلام کي ئي ڏسي وٺو ته ”ستن سورمين“ کان اڳيان وڌن ئي ڪونه ٿا، ڇا ڪڏهن ڪنهن ان حقيقت تي زور ڏنو آهي ته ”سر گهاتو“ جي ڪردارن جي بهادري. ”سر سورٺ“ جي ثابت قدمي، ڇا اهي ڪردار شاهه سائينءَ جو پيغام ناهن، ڇا اهي عمليت ۽ حقيقت تي بنياد نه ٿا رکن؟ ڏٺو وڃي ته اسان جي سماج جي قدرن جو زوال اچي چڪو آهي، اسان جي نوجوان کي صرف اهو سيکاريو وڃي ٿو ته ”پئسو ڪيئن ڪمائجي“، اڄ هر نوجوان اهو ٿو سوچي ته پئسو ڪمائجي ۽ پئسي ڪمائڻ لاءِ هو پنهنجي ضمير جو به سودو ڪري ويهي رهي ٿو، اڄ جي نوجوان ۾ اهو شعور ئي پيدا نه ٿو ڪيو وڃي ته هو غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوڻ جي قوت رکي، هن نظام نوجوانن کي ايترو ته ڊيڄاري ۽ اپاهج ڪري ڇڏيو آهي جو تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪا نوڪري حاصل ڪري ٿو ته ان کان پوءِ ان ۾ اهو خوف پيدا ڪيو وڃي ٿو ته هن ماحول ۾ توکي سڀ ڪجهه برداشت ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ سموري زندگي ڌڪا جهليندين. شهرن جو توڙي ٻهراڙين ۾ ڏسو ته اسڪول، ڪاليج وڏيرن جون اوطاقون يا مال جا وٿاڻ بڻجي چڪا آهن، سماج جو اهو ڪهڙو سردار يا جاگيردار يا وري ڪو وڏيرو چاهيندو ته ڳوٺن جي ڏتڙيل رعايا پڙهي اڪابر ٿئي ۽ پنهنجي عقل جو استعمال ڪري ۽ انهن ۾ اها سجاڳي پيدا ٿئي ته ”اسان به انسان آهيون ۽ اسان کي به علم حاصل ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي“، ڪڏهن ان ڳالهه تي به غور ڪيو ته خدا قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي ته ”اي انسان ڪائنات جي هر شيءِ تي غور۽ فڪر ڪريو ۽ پنهنجي تسخير ڪائنات جي مقصد کي سمجهو.“ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نوجوان نسل کي سوچڻ ۽ غور ۽ فڪر ڪرڻ تي مجبور ڪجي ۽ انهن کي اهو علم ڏجي جنهن سان انهن ۾ اها جاڳرتا پيدا ٿئي ته اهي سردار، جاگيردار ۽ وڏيرا مظلوم عوام جو قتل عام ۽ ظلم ڇو ٿا ڪن؟ غريبن کي ننڌڻڪو سمجهي ظلم جي چڪيءَ ۾ ڇو ٿا پيڙهين؟ اهو صرف ئي صرف دولت جي طاقت جي زور تي آهي، اهي مالدار غريبن جي پيٽ تي لت رکي، نڙيءَ تي ننهن ڏئي انهن جا حق کسين ٿا ۽ کين مجبور ڪن ٿا ۽ زبردستي غريبن کان ووٽ وٺي ”سياسي نظام“ کي طاقتور بڻائين ٿا ۽ اهي سياسي ووٽن جا بکيا جڏهن اقتدار ۾ اچن ٿا ته انهن ئي مظلوم ماڻهن کي پيڙهين ٿا، ڪڏهن غور ڪيو ته ووٽ توهان ڏئي انهن جا هٿ مضبوط ڪيو ٿا، اهي ئي توهان جو بي درديءَ سان قتل عام ڪن ٿا، ياد رکو اهي سماجي ڪارنده ڪجهه ڏينهن توهان سان همدردريون به ڪندا توهان کي آسرا به ڏيندا پر ڪڏهن به هي بيورو ڪريٽس، سماجي اڳواڻ ۽ سياسي اڳواڻ غريبن سان سچا يا مخلص نه ٿيندا، نئين نسل جي جاڳرتا جو واحد ذريعو ڄاڻ ۽ تعليم آهي. جڏهن نوجوان نسل ۾ شعور پئدا ٿيندو ته اهو سامراجي نظام به پَٽَ تي ڪرندو ڇو ته تعليم ئي بهترين هٿيار آهي سامراج ۽ وڏيرن سان وڙهڻ جو ۽ جڏهن ڌرتي ڌڻين ۾ جاڳرتا پيدا ٿيندي ته انهن سامراجن جا برج به لڏي ويندا جيئن شيخ اياز چيو آهي ته،
ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن،
تون هيڻو آن هٿيارن سان.