ليکڪ: ”راز“ علي گل ڀٽو
ٻي جنگ عظيم جي خاتمي کانپوءِ جڏهن يورپ کي عملي طور وچ اوڀر خالي ڪرڻو پيو ته ان وقت سندن مستقبل جي منصوبي ۾ هٽلر جي لوڌيل ۽ دنيا جي رولاڪ صيحونين جي آبادڪاري جومسئلو به شامل هو، ان صورت ۾يورپي ملڪن کي وچ اوڀر لاءِ هڪ سخت گير چوڪيدار جي به ضرورت هئي، دنيا شروع کان وٺي ئي ظلم جي ڊپ ۽ امن جي آس تي هلندي آئي آهي، ان ڪري يورپ کي وچ اوڀر ۾ظلم۽ امن واريون گڏيل حالتون رکڻيون هيون، جيئن وچ اوڀر جا ملڪ امن ۽ سلامتيءَ جي خاطر هميشه لاءِ معاشي طور سندن ڳيجهو رهن، تنهن ڪري برطانيا ۽ آمريڪا جي سرواڻيءَ ۾ پراڻين سرحدن اندر فلسطين ۾اسرائيل نالي مذهبي بنياد تي هڪ صيحوني رياست قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري دنيا جي خانه بدوش صيحونين کي ڳولهي ڳولهي اسرائيل ۾آباد ڪيو، جنهن کي يورپ جي سڀني ملڪن جي فوجي ۽ معاشي مدد حاصل هئي، اهڙي طرح يورپ صيحونيت جو فتنو وڏي صفائيءَ سان پنهنجي هنج مان ڪڍي عربن ۽ مسلمانن جي ڳچيءَ ۾وجهي ڇڏيو، ١٩٤٨ع ۾جڏهن اسرائيل جي قيام جو اعلان ڪيو ويو هو، ان ڏينهن کان وٺي عرب ملڪن جون سرحدون غير محفوظ ۽ فلسطيني ظلم جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل ۾يورپي ملڪن جا نمائنده ڳلا ڦاڙي اهو اعلان ڪري رهيا هئا ته اسرائيل جي قيام سان وچ اوڀر جي امن کي ڪو به خطرو نه ٿيندو، سٺ واري ڏهاڪي ۾وڏي تيزيءَ سان رولاڪ صيحوني فلسطين جي سرزمين تي قابض ٿي آباد ٿيندا ويا، شروع ۾اسرائيل تل ابيت نالي هڪ نئون شهر آباد ڪري ان کي پنهنجي ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو ۽ ٻئي طرف بيت المقدس تي به پنهنجي دعويٰ جاري رکندي قبضي جي ڪوشش ڪندو رهيو، صيحونين هڪ رٿيل منصوبي تحت پنهنجي اسرائيل ۾آبادڪاريءَ دؤران آمريڪا جي سرزمين تي به واپارين جي صورت ۾پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪرڻ شروع ڪيو،جيڪو اثر هاڻي وڌي وڻ ٿيو آهي ۽ اڻ سڌي طرح دنيا ۾آمريڪا جي معاشيات هلائي رهيو آهي، اسرئيل وڏي خونريزي کان سواءِ عرب ۽ فلسطينن خلاف 1956، 1967۽ 1971ع ۾ ٽي، وڏيون فاتحاڻيون جنگيون وڙهي چڪو آهي، جنهن دؤران مصرجي صحرائي سينا،شام جون گولان واريون ٽڪريون، اردن جي درياهه واري الهندي ڪناري وارو حصو۽ لبنان جا ڪجهه علائقا قبضي هيٺ آڻي اتي صيحوني آباد ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته اقوام متحده پاران انهن علائقن کي والاريل قرار ڏنو ويو آهي، اسرائيل سان ويڙهه ۾ هيل تائين عربن ۽ فلسطينن جو وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿي چڪو آهي، لکين انسانن جون جانيون ۽کربين ڊالر ويڙهه جي نذر ٿي چڪا آهن، فلسطين ياسر عرفات، جارج حباش،وليد جنبلات ۽ ليليٰ خالد جهڙا سرفروش فدا ڪري چڪو آهي، ته به کيس اسرائيلي جارحيت مان کيس آجپو نٿو ملي، جڏهن ته اسرائيلي صيحونيت جو يهوديت سان ڪو به واسطو ناهي، صيحونيت هڪ دهشت گرد سوچ جو نالو آهي، فلسطيني هيل تائين اٺ نسل هن آزاديءَ جي جنگ ۾ شهيد ڪرائي چڪا آهن، هنن وٽ پٿر ۽ گليل کانسواءِ ڪو به هٿيار ڪونهي، ٻئي طرف هٿين خالي فلسطيني ٻارن، پوڙهن ۽ بيمارن خلاف اسرائيل توبون، بمبار جهاز ۽ ميزائيل استعمال ڪري رهيو آهي، انساني حقن جون تنظيمون ۽ اقوام متحده خاموشيءَ جي ننڊ ۾ ستل آهن، اقوام متحده ۾فلسطين ۽ ڪشمير ٻه پراڻا مسئلا آهن، جن جي حل ۾آمريڪا جي هٺ وارو ويٽو وڏي رڪاوٽ آهي، مسلمان ملڪ به مذمت، قراردادن ۽ ريلين واري حمايت کان اڳتي نٿا وڌن، ميدان ۾فلسطينين کي اسرائيل اڪيلو ڪري ماري رهيو آهي، اسرائيل عربن خاص ڪري فلسطينين کي ٿڪائي مارڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، اسرائيل جي دهشت کان عالمي امدادي ڪارڪن ۽ صحافي به محفوظ ناهن، موجوده حالتن ۾ فلسطينين کي صرف حماس ۽ حزب الله جي حسن ناصر ۽ ايران مان اميد جا ڪرڻا نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته عالمي ضمير جاڳڻ ۾ شايد اڃان گهڻي دير آهي، تا دم تحرير جنرل اسيمبليءَ جي اپيل تي نالي ماتر جنگ بندي ته ٿي آهي،پر اسرائيل پاران بار بار ڀڃڪڙيون به جاري آهن.