ايڊيٽوريل
وفاقي حڪومت 23 جون کان 29 جولاءِ تائين ميٽرڪ ۽ انٽر جا ساليانا امتحان ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اين سي او سي جي اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته صوبا 31 مئي کان ڪلاس شروع ڪري سگهن ٿا ۽ ايس او پيز سان متبادل ڏينهن ۾ ڪلاس وٺي سگهجن ٿا، اين سي او سي استادن ۽ تعليمي ادارن جي عملي لاءِ ويڪسين لازمي قرار ڏيندي اهڙي ويڪسينيشن 10 جون تائين مڪمل ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي ۽ چيو ويو آهي ته استادن سميت 18 سالن کان وڌيڪ عمر جي اسٽاف لاءِ واڪ اِن ويڪسينيشن کولي وئي آهي، اهي ويجهن صحت مرڪزن ۾ وڃن ۽ ويڪسين ڪرائين، اين سي او سي سنڌ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته اهو به فيصلو ڪيو آهي ته عرب امارات مان ايندڙ مسافرن جي رڳو مجاز ليبارٽرين مان ڪرايل ٽيسٽ ئي قبول هوندي ۽ پاڪستان پهچڻ تي مسافرن جي ٻيهر ڪورونا ٽيسٽ ٿيندي، ڪيس مثبت اچڻ جي صورت ۾ کين قرنطينا موڪليو ويندو، 50 سالن کان وڌيڪ عمر جي ڪنهن به سياح کي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ کانسواءِ هوٽل ۾ رهڻ نه ڏنو ويندو، 30 سال کان وڌيڪ عمر وارن سياحن لاءِ به سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، اين سي او سي ڪورونا جي گهٽ شرح وارن ضلعن ۾ پارڪ، واٽر پارڪ ۽ سوئيمنگ پول کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت پاران امتحانن واري اعلان کانپوءِ اسلام آباد جي فيض آباد واري علائقي ۾ شاگردن اهڙي فيصلي خلاف احتجاج ڪيو، هنن وفاقي ۽ صوبائي تعليم وارن وزيرن کان مطالبو ڪيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي، هنن چيو ته جيڪڏهن ڪلاس آن لائين ٿيا آهن ته امتحان به آن لائين ورتا وڃن. احتجاج دوران ٽرئفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ تي پوليس ۽ شاگردن ۾ معمولي جهڙپ به ٿي، شاگردن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، جنهن ڪري پوليس لاٺي چارج ۽ ڳوڙها گئس استعمال ڪري کين منتشر ڪري ڇڏيو.