209

ايندڙ بجيٽ ۾ زراعت جي لاءِ بهتر قدم کنيا ويندا: شوڪت ترين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ بجيٽ سيمينار کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته جڏهن کان حڪومت سنڀالي ته معيشت تباهه ٿي چڪي هئي، پر ان باوجود وزيراعظم معيشت جي بحالي لاءِ وڏا فيصلا ڪيا، روپئي جي قدر ۾ واڌ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويا، ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ زراعت جي لاءِ بهتر قدم کنيا ويندا، ٽيڪس نه ڏيندڙن کي جيل حوالي ڪيو ويندو،  معيشت جي بحالي واري سفر ۾ ڪورونا سبب پريشانيون آيون. ڪورونا وبا جي باوجود تعميراتي شعبي کي ممڪن بنايو ويو ۽ ان سان جڙيل 40 کان وڌيڪ صنعتن کي فعال ڪيو ويندو، معيشت جي بهتري سان گڏ محصولات ۾ به بهتر اضافو ٿيو، جڏهن ته معيشت ۾ به بهتري آئي. ناڻي واري وزير چيو ته  پائيدار ترقي جو حدف اسان جي اولين ترجيح آهي، اقتصادي بهتري جي لاءِ معاشري ماهرن سان به صلاح مشورا ڪيا ويا،هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آهي، جڏهن ته مستقبل ۾ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي، معيشت جي بهتري لاءِ برآمدات وڌائڻ ضروري آهي، ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت روينيو ۾ به اضافو ڪيو، هن سال رڪارڊ 4 هزار ارب کان وڌيڪ روينو جيمع ڪيو ويو، پر گردشي قرض گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ايندڙ بجيٽ ۾ زراعت جي لاءِ قدم کنيا ويندا، هاري دوست پاليسي سبب زراعت جي شعبي ۾ ترقي ٿي رهي آهي، هن چيو ته ٽيڪس ڏيندڙن مٿان ٽيڪس نه لڳايا ويندا، ٽيڪس چوري ڪندڙن جو جديد ٽيڪنالاجي ۽ بجلي جي بلن ذريعي سراغ لڳايو ويندو، ٽيڪس چوري ڪندڙن کي جيلن ۾ وڌو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو