چارسده(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پي ڊي ايم ورهاست جو شڪار آهي،ايڪشن پلان تي عمل تائين نه گڏباسين،سليڪٽيڊ ۽ بزدار کي وڃڻو پوندو، نالائق ۽ نااهل سليڪٽيڊ حڪومت جو مقابلو ڪرڻو پوندو،معيشت جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل هو،بجيٽ خلاف سڀئي گڏجي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪريون، چارسده ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ان هائوس تبديلي سان پي ٽي آءِ حڪومت سولائي سان ڪري سگهي ٿي،چاهيون ٿا ته اپوزيشن جماعتون گڏجي سليڪٽيڊ حڪومت خلاف ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪن، ملڪي سياست ۾پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي جو اهم ڪردار آهي، مستقبل ۾به عوامي نيشنل پارٽي سان گڏ ڪم ڪندا رهنداسين،اسان گڏجي سٺو وقت گذاريو آهي، ٻنهي جماعتن پي ڊي ايم تان پاڻ استعيفيٰ ڏني هئي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيوته پي ڊي ايم تحت احتجاجي مرحلي جو آپشن موجود هو،بي اعتمادي جو آپشن به احتجاج جو حصو هو،بي اعتمادي جي صورت ۾نه سليڪٽيڊ وزيراعظم رهي ها نه ئي وري بزدار هجي ها، ايڪشن پلان تي 10 سياسي جماعتن حامي ڀري هئي،پر عمل ۽ اعتماد بحال نه ٿي سگهيو،جيستائين ايڪشن پلان تي واپس نه ايندا،تيستائين پي ڊي ايم جو حصو بڻجڻ جو فائدو نه آهي. اسان سڀئي گڏجي حڪومت ۽ عمران خان کي نشانو بڻائينداسين ته اهو سڀني لاءِ بهتر هوندو،نااهل حڪومت جي ڪري عوام پريشاني کي منهن ڏئي پيو،ديوار بڻجي ان جو مقابلو ڪبو، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم اجلاس ۾شريڪ جماعتون ڪنفيوزن جو شڪار آهن، اپوزيشن گهٽ ۾گهٽ پارليامينٽ ۾ائين نظر نه اچي، جيڪا سياسي جماعت پنهنجي نظريي تي ڪليئر آهي، اها حڪومت کي وڌيڪ ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿي. بلاول ڀٽو چيوته حڪومت جو معيشت جو خيال ڪوڙ تي ٻڌل آهي، حڪومتي نمائنده معيشت جي ڳالهه ڪن ٿا ته لڳي ٿو ته هو ڪنهن ٻئي ملڪ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. بلاول ڀٽو چيو ته افغان صورتحال سان پاڪستان کي نقصان پهچي سگهي ٿو، افغان قيادت کي پنهنجي ملڪ لاءِ بهتر فيصلا ڪرڻا پوندا، افغانستان ۾ امن هوندو ته خطي ۾ امن هوندو. موجوده حڪومت جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد غير سنجيده آهي.
209