اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان 10 سالن ۾ 10 ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو ته پي ڊي ايم عوام لاءِ بيهي ها ته حڪومت ڪيرائي وجهي ها،سڀئي ڪرپشن بچائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن، اپوزيشن فوج کي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ چيو، بليڪ ميل ڪري ڪيس ختم ڪرائڻ چاهين ٿا،ڪامياب نه ٿيندا، فلسطين ۽ ڪشمير جو مسئلو هڪجهڙو آهي، ڀارت سان هن وقت لاڳاپا بهتر ڪرڻ ڪشميري شهيدن جي خون سان غداري هوندي،مسئلو ڳالهين سان حل ڪنداسين، ٽيليفون تي عوام جي سڌن سون سوالن جا جواب ڏيڻ دوران ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي ملڪ ۾ پاڻي جو مسئلو آهي، اسان جي حڪومت 10 ڊيم ٺاهي رهي آحي، الميو اهو آهي ته جيڪي ڊيم 50 سال اڳ ٺهن ها، اهي هاڻي ٺهن پيا، صوبن جي حصي ۾پاڻي گهٽ اچي ٿو، صوبن ۾پاڻي جي منصفاڻي ورڇ هئڻ گهرجي، پاڻي جي ورهاست جو وڏو مسئلو آهي، ڪمزور غريب هاري تائين پاڻي نٿو پهچي،انهن جون پاڻي چوري ٿي وڃي وٿو، طاقت وارا پنهنجي زمين ۾ پاڻي کڻي وڃن ٿا، ڪمزور جي زمين سڪل رهجي وڃي ٿي، ڪمزور ماڻهن کي پاڻي پهچائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي.ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت سان جيڪڏهن لاڳاپا بهتر ٿي وڃن ته ڪشمير جو مسئلو ڳالهين سان حل ڪنداسين، هن وقت ڀارت سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ڪشميري شهيدن جي خون سان غداري هوندي، اسان ڪشمير سان گڏ آهيون، خبر آهي ته انهن ڪيتريون قربانيون ڏنيون، فلسطين جو مسئلو به ڪشمير جهڙو آهي، ڀارت ٻاهر جي ماڻهن کي کڻي والاريل ڪشمير جي سڃاڻپ تبديل ڪري رهيو آهي، اهو ڪم اسرائيل به ڪري پيو، فلسطين جي مسئلي جو حل ظلم ناهي، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان اپوزيشن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته قوم کي پهرئين ڏينهن چيو هو ته جيستائين آمدني نٿي وڌي، تيستائين مشڪل وقت مان گذرڻو پوندو، مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام جون اهي ٻئي مشڪلاتون آهن، سڄي اپوزيشن گڏ ٿي وئي، هو سمجهي نه رهيا هئا ته حڪومت مالي بحران مان نڪري ايندي، اهي ڪنهن نظريي لاءِ نه پر پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن، مخالف ڌر وارن پهرئين ڏينهن کان چوڻ شروع ڪيو ته حڪومت نااهل آهي،انهن چيو ته اين آر او ڏيو ته توهان اهل هوندا،فوج کي چيو چونڊيل حڪومت ڪيرائي ڇڏيو، پي ڊي ايم وارا حڪومت کي بليڪ ميل ڪري ڪرپشن ڪيس ختم ڪرڻ چاهين ٿا،انهن عوام جو پئسو چوري ڪيو آهي،سائيڪلن تي چڙهڻ وارا لينڊ ڪروزر تي گهمي رهيا آهن، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اپوزيشن جو مقصد عوام هجي ها ته هن وقت حڪومت ڪيرائي چڪا هجن ها،بجيٽ ۾رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪندا،پر ڪامياب نه ٿي سگهندي. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته جسٽس عظمت جي سربراهي ۾ هائوسنگ سوسائٽي جي خلاف قدم کڻي رهيا آهيون، هڪ بورڊ ٺاهيو آهي، جيڪو فيصلو ڪندو ته ڪهڙي هائوسنگ سوسائٽي قانوني آهي.وزيراعظم چيو ته مون کي خبر پئي آهي ته رنگ روڊ ۾ فراڊ ٿي رهيو آهي، ان منصوبي ذريعي طاقتور ماڻهن کي فائدو پهچايو پيو وڃي، اينٽي ڪرپشن جي ٽيم انڪوائري ڪري رهي آهي. راولپنڊي کي رنگ روڊ جي ضرورت آهي، رنگ روڊ جهڙو هجڻ گهرجي ها ائين ئي هوندو. وزيراعظم چيو ته لاڪ ڊائون دوران پنهنجن ماڻهن کي بچايو ۽ معيشت به بچائي، اڄ اسان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، ايف بي آر رڪارڊ ڪليڪشن ڪئي آهي، ڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ وڌيڪ ٽيڪس گڏ نه ٿيو هو، هن وقت تائين 4 هزار 143 ارب رپين جو ٽيڪس جمع ٿيو آهي، اسان پنهنجن ادارن ۽ معيشت کي وڌيڪ بهتر ڪنداسين. 30 سالن کان پنجاب ۾ (ن) ليگ جي حڪومت آهي، نواز شريف دور ۾ پنجاب پوليس ۾ 25 هزار ڏوهارين کي ڀرتي ڪيو ويو، ن ليگ جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز زمينن تي قبضو ڪيو هو، پنجاب حڪومت کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، پر ٿورو وقت لڳندو، وزيراعظم چيو ته قوم ان وقت تائين وڏي نٿي ٿي سگهي جيستائين سندن ڪردار وڏو نه هجي، جنگيون هارائڻ سان قومون تباهه ناهن ٿينديون، قومن جي اخلاقيات ختم ٿي وڃي ته اها قوم ختم ٿي وڃي ٿي.
129