ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾شديد گرمي،سبي ۾پارو 50 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهتو، دادو،جيڪب آباد،موهن جو دڙو ۽ لاڙڪاڻي ۾48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته روهڙي، پڊ عيدن ۽ شهيد بينظيرآباد ۾گرمي پد 47 تائين پهچي چڪو آهي، ڪراچي ۾36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي پد پهچي چڪو آهي.
