اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف مطالبن کي بجيٽ جو نالو ڏنو ويو، عوام دشمن بجيٽ مڙهڻ نه ڏينداسين، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پارٽي جي اڪنامڪ ايڊوائزري کي حڪومتي معاشي ڪارڪردگي بي نقاب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن چيو ته عوام دشمن بجيٽ منظوري کان روڪڻ لاءِ ڪاميٽي جائزو وٺندي،عوام کي ڪنهن به پريشاني ۾ڌڪڻ نه ڏيندي، مهانگائي،بيروزگاري ۽ معاشي زبون حالي سبب عوام جون سنگين مشڪلاتون ظاهر ڪيون وينديون، هن وڌيڪ چيو ته بجلي، گئس، دوا، علاج، تعليم ۽ ضرورت وارين شين جي قيمتن ۾واڌ بابت حقيقت ۾سامهون آڻينداسين.
234