اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته معيشت جڏهن بهتر ٿئي ٿي ته احتجاج جو سڏ ڇو ٿو ڏنو وڃي؟ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ڊگهي انتظار کانپوءِ معاشي پاليسين جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿيا آهن، هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾پهريون ڀيرو 4 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ٿيو، جڏهن ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين معيشت کي بهتر ڪرڻ ۾پنهنجو ڀرپور حصو وڌو، هن چيو ته ڪڻۡڪ، چانورن، ڪمند ۽ مڪئي جي تاريخي پيداواري ٿي آهي، زرعي معيشت ۾ 11 سئو ارب رپيا منتقل ٿيا آهن.
