اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس 56 حياتيون کسي ورتيون،2697 ڪيس پازيٽو آيا، سنڌ ۾6 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب ملڪ ۾ڪورونا وائرس جي پازيٽو ڪيسن جي شرح 4.81 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ ۾وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.هوڏانهن پنجاب ۾اڄ کان نائين ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن لاءِ تعليمي ادارا کوليا ويندا، جڏهن ته ٻيا اسڪول 7 جون تي کلندا. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 6 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 913 ڪيس سامھون آيا ۽ 286 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن. اھا ڳالھھ اڄ آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 15916 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 913 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 5.7 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 2 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 5020 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح 1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 4096159 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي ۽ 317648 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 286 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 287044 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني بحاليءَ واري شرح 90.4 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو تھ ھن وقت 25584 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 24532 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، 1030 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 22 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 965 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 73 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ صوبي جي 913 ڪوويڊ ڪيسن مان 409 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. ضلعيوار انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ اوڀر ڪراچي 180، ڏکڻ ڪراچي 81، حيدرآباد 58، سينٽرل 55، ڪورنگي 44، ملير 43، سجاول 37، ڄام شورو 34، بدين 30، ميرپورخاص 26، سانگھڙ 26، ٽنڊو محمد خان 25، سکر 23، ٽنڊو الھيار 23، ڪشمور 22، شڪارپور 22، نواب شاھھ 21، جيڪب آباد 19، ٺٽو 17، خيرپور 17، مٽياري 14، دادو 13، عمرڪوٽ 10، نوشھروفيروز 9، گھوٽڪي 7، ڪراچي اولھھ 6 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 3 نوان ڪوويڊ-19 جا ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪي پي ڪي ۾اڄ کان نائين ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن لاءِ سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا کوليا ويندا.
145