232

لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ مبينا شراب پيئڻ کان روڪڻ تي قيدين ۾ جھيڙو، 3 قيدي زخمي

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ مبينا طور شراب پيئڻ کان منع ڪرڻ تي قيدين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ بهرام واسي قيدي غلام عباس مگسي سميت 3 قيدي سخت زخمي ٿي پيا، جن مان زخمي قيدي غلام عباس کي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي قيدي غلام عباس مگسي الزام لڳايو ته قيدي اقبال چانڊيو ۽ ٻيا جيل ۾ شراب پي رھيا ھئا، جن کي اسان منع ڪئي ته انهن مون مٿان ڏنڊن ۽ سرين سان حملو ڪري زخمي ڪيو آهي.  ان سلسلي ۾ جيل سپرينڊنٽ لياقت پيرزادو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيل اندر شراب واپرائڻ واري الزام ۾ ڪا به صداقت ناهي، هيروئني قيدين ۾ جهيڙو ٿيو آهي جنهن سبب هڪ قيدي سروٽا لڳڻ سبب زخمي ٿيو، جهيڙي جي وليد ٿاڻي تي ايف آءِ آر به داخل ڪرائي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو