ٻٻرلوءِ (ويب ڊيسڪ) قومي شاهراهه تي مسافر وين جو موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر، روڊ حادثي ۾ موٽر سائيڪل سوار اوڏ برادري سان تعلق رکندڙ پيءُ ۽ پٽ موقعي فوت، هڪ عورت ماروي ديوي زخمي، پوليس زخمي عورت سميت فوتين جا لاش سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، فوتي جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، مسافر وين پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏي، ڊرائيور موقعي تان فرار، ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي تيز مسافر وين جو موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار اوڏ بداري سان تعلق رکندڙ پيءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا، فوتين ۾ صاحب مل اوڏ ۽ سندس پٽ بنون مل اوڏ شامل آهن، جڏهن ته موٽر سوار هڪ عورت ماروي زال صاحب مل اوڏ سخت زخمي ٿي پئي، اطلاع تي ٻٻرلوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي عورت ۽ فوتين جا لاش کڻائي سول اسپتال خيرپور آندا، ٻٻرلوءِ پوليس فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، فوتي ناري تعلقي جي چونڊڪو شهر جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن، هوڏانهن مسافر وين کي ٻٻرلوءِ پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته وين ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.
157