اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر ڪنهن نظريي جي لاءِ نه پر پنهنجي ڪرپشن بچائڻ جي لاءِ گڏ ٿي آهي، پنهنجي خلاف ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرائڻ جي لاءِ بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، انهن جو خيال هو ته حڪومت ان معاشي بحران مان نه نڪري سگهندي جيڪو اهي ڇڏي ويا ۽ ٻڏي ويندي، اسان مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون، سمورا اقتصادي انگ اکر مثبت نشاندهي ڪري رهيا آهن، ملڪ معاشي طور تي اڳتي وڌي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آچر ڏينهن ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام دوران شهرين پاران ٽيليفون تي پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ملڪ کي مشڪل صورتحال درپيش هئي، اسان کي ورثي ۾ تمام گهڻا مسئلا مليا، ڪنهن به حڪومت کي ايترو وڏو خسارو نه ئي قرضن جو ايترو وڏو بار ورثي ۾ مليو جيڪو اسان کي درپيش هو، اسان کي ملڪ به هلائڻو هو ۽ قرضن جون وڏيون قسطون به ادا ڪرڻيون هيون، مون اڳ ۾ ئي قوم کي چيو هو ته اسان کي مشڪل صورتحال مان گذرڻو پوندو ڇو ته اسان ڏيوالپڻو ٿيڻ وارا هئاسين. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر کي 4 سيڪڙو گروٿ ريٽ جي ڪا اميد نه هئي، آزاد ماهرن جو خيال آهي ته اهو 4 سيڪڙو کان به مٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري عام ماڻهو جون وڏيون مشڪلاتون آهن، معيشت جو ڦيٿو هلي پيو آهي، صنعتون ترقي ڪري رهيون آهن، ان سان غربت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ روزگار جا موقعا پڻ وڌندا. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر پهرين ڏينهن کان ئي چئي رهي آهي ته اسان جي حڪومت نااهل آهي ان لاءِ اسان کي ڪڍي ڇڏڻ گهرجي، اهي فوج کي چون ٿا ته انهن جي حڪومت ڪيرايو، انهن جو مطالبو آهي ته انهن کي اين آر او ڏنو وڃي نه ته هي حڪومت هلڻ نه ڏيندا، انهن کي اندازو نه هو ته معاشي صورتحال بهتر ٿي ويندي ۽ گروٿ ريٽ 4 سيڪڙو تائين ٿي ويندو، هاڻي هي ڦاسي ويا آهن، ان لاءِ چئي رهيا آهن ته اقتصادي انگ اکر ئي غلط آهن.
