اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ فورسز تي ٿيندڙ دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ اسانجي سپاهين تي ٿيندڙ حملي ۾ 4 جوان شهيد ٿي ويا ۽ 8 زخمي ٿيا، هن واقعي جي شديد مذمت ٿا ڪريون، عمران خان چيو ته دهشتگردن خلاف اسانجي جنگ جاري رهندي ۽ اسان انهن کي بلوچستان ۾ امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
200