لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ هاڻوڪي بيٽنگ ڪوچ يونس خان شاهد آفريدي جي بيٽنگ ڏسڻ لاءِ شوقينن جي بيچيني جو احوال ٻڌائي ڇڏيو آهي، هڪ ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي يونس خان هڪ واقعو ٻڌايو ته ڀارت خلاف ٽيسٽ ميچ کيڏي رهيا هئاسين، ان وقت آئون ڊبل سينچري جي ويجهو هئس، پر ڪرائوڊ مان آوازون اچي رهيون هيون ته ”يونس خان کي آئوٽ ڪري“، ”محمد يوسف کي آئوٽ ڪريو“، جيئن آفريدي بيٽنگ تي اچي سگهي، جڏهن ته آفريدي بيٽنگ لاءِ آيو ته تماشائين تمام گهڻو انجواءِ ڪيو، جڏهن هو آئوٽ ٿيو ته تماشائي اسٽيڊيم ئي خالي ڪري هليا ويا، مون ڊبل سينچري ٺاهي ته اسٽيڊيم خالي هو، داد ڏيڻ لاءِ ڪير موجود ئي نه هو.
188