138

”خدا اور محبت 3“ جي ڪاميابي تي اقرا عزيز مداحن جي ٿورائتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڊرامي ”خدا اور محبت 3“ جي ڪاميابي تي ڊرامي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره اقرا عزيز مداحن جا ٿورا مڃي ورتا آهن، ان حوالي سان اداڪاره اقرا عزيز سوشل ميڊيا تي مداحن لاءِ پيغام جاري ڪندي چيو ته ايترو پيار ڏيڻ تي تمام گهڻي شڪرگذار آهيان، واضح رهي ته ڊرامي جي 16هين قسط کي يوٽيوب تي صرف ٻن ڏينهن ۾ 20 ملين ڀيرا ڏٺو ويو آهي، جڏهن ته ”خدا اور محبت 3“ پهريون واحد پاڪستاني ڊرامو آهي جنهن جي پهرين قسط کي يوٽيوب تي 50 ملين ڀيرا ڏٺو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو