96

مدئجي ڀرسان گهرو اڻبڻت تان ٻن نوجوانن آپگهات ڪري ڇڏيو

مدئجي (ويب ڊيسڪ) مدئجي ڀرسان گهرو اڻبڻت تان ٻن نوجوانن آپگهات ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ هڪڙا ڳوٺ ۾ شهنيل پٽ گل حسن هڪڙي زهريلي دوا پي زندگي جو انت آندو، وارث نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد گهر کڻي ويا، هوڏانهن ڳوٺ الاهي بخش ڏاهاڻي ۾ گهر وارن سان ڪاوڙجي نوجوان رحيم بخش پٽ سچل ڏاهاڻي پاڻ کي پسٽل جي گولي هڻي زندگي جو انت آندو، اسپتال ۾ نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته هن پيءُ کان ناراض ٿي آپگهات ڪيو آهي، رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ٻنهي واقعن جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو